21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

وار ڪارا ڪرڻ جا گهريلو ٽوٽڪا

white hairs men worrideڪراچي(ويب ڊيسڪ )خوبصورت وار صحت جي نشاني هوندا آهن ۽ جيڪڏهن وار اڇا ٿي وڃن ته پريشاني جي ڳالهه ناهي ڇو ته اڇن وارن کي ڪارو ڪرڻ جو طريقو گهر ۾ ئي موجود آهي. وارن کي ڪارو ڪرڻ لاءِ ٽن شين کي استعمال ڪيو يعنيٰ ليمي جي رس، آورن جو پائوڊر ۽ صاف پاڻي. چار چمچا آورن جو پائوڊر ۽ ٻه چمچا پاڻي ۽ هڪ چمچو ليمي جو رس پاڻ ۾ ملايو. انهن سڀني شين کي صحيح طرح ملايو ۽ ان کي تقريبن هڪ ڪلاڪ تائين ڇڏي ڏيو. هاڻي وارن کي صحيح طرح لڳايو،  لڳائڻ کان پوءِ وارن کي 20 کان 25 منٽن تائين ڇڏي ڏيو. جنهن بعد وارن صحيح طرح ڌوئو ۽ ڌوئڻ وقت شيمپو يا صابڻ استعمال هرگز نه ڪيو ۽ ڌوئڻ وقت پنهنجي اکين کي بچايو، ان عمل کي چئن ڏينهن کان پوءِ استعمال ڪريو ان عمل سان مهيني اندر توهان جا وار بلڪل ڪارا ٿي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماسڪ استعمال ڪرڻ ۽ لاهڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڀ ڪو چاهيندو آهي ته اهو خوبصورت نظر اچي، خاص طور ان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي