20 خميس , سيپٽمبر 2018

جيڪي چور چور جو نعرو هڻندا آهن انهن قوم جو خزانو لٽيو: شهباز شريف

Shahbaz Sharifلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ريسڪيو 1122 هڪ فعال ادارو بڻجي چڪو آهي، جيڪو هر طرح جي هنگامي صورتحال ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيندو آهي. الزامن جي سياست جي خاتمي ۽ ملڪ کي حقيقتن جي بنياد تي اڳتي وڌائڻ جو وقت اچي ويو آهي. جيڪي چور چور جو نعرو هڻندا آهن انهن قوم جو خزانو لٽيو، قومي خزانو لٽڻ وارن جو سخت احتساب ٿيڻ گهرجي. ريسڪيو سروسز اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ريسڪيو 1122 ڪنهن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فعال ادارو بڻجي چڪو آهي،  پنجاب بينڪ ۾ پنجاهه ارب رپين جو ڌاڙو هنيو ويو جڏهن ته عدالت به قوم جو کيسي تي ڌاڙي کي بدترين بدديانتي قرار ڏنو. پوئين حڪومت ۾ سروسز اسپتال جي عمارت تي لڳندڙ پٿر ڀارت مان آيو ۽ اها قومي خدمت ناهي اسپتال جي ٻاهران قيمتي پٿر ۽ اندر علاج جي سهولت نه هجي. هن وڌيڪ چيو ته وسيلن جو بهترين استعمال ڪندڙ قومون اڀري سامهون اينديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے