25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڀاڄين جي اگهن ۾ واڌ حڪومتي ناڪامي جو ثبوت آهي: خورشيد شاهه

Khurshed Shahڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڀاڄين جي اگهن ۾ واڌ حڪومتي ناڪامي جو ثبوت آهي، رياست کي حڪومتي پاليسين جي ناڪامي جي ڪري منهن ڏيڻو پيو پوي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت هر معاملي مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ن ليگ وارا ناڪامي کي سازش جو نالو ڏيندا آهن. هن چيو ته حڪومت جو هر معاملي کي سازش قرار ڏيڻ سڀ کان وڏي ناڪامي آهي، ڇا هر سازش نواز حڪومت خلاف ئي ٿيندي آهي ۽ حڪومت پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے