16 خميس , آگسٽ 2018

ڪنڌ ڪوٽ: پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي، گھربل جوابدار مارجي ويو، ڌرڻو، چوڪيءَ کي باهه

murder2ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌ ڪوٽ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائيءَ دوران قتل جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار مارجي ويو، جوابدارن جي وارثن ۽ علائقي واسين پوليس جي چوڪيءَ کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو، غوثپور جي علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ڪارروائيءَ دوران جوابدار گل ڀيو مارجي ويو، جوابدار گل ڀيي جي مارجڻ کان پوءِ ڀيا برادريءَ جي ماڻهن غوثپور شهر بند ڪرائي ڇڏيو، انڙ پل ويجھو احتجاج ڪندي قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ٻنهي طرفن کان روڊ بند ٿي ويو ۽ سوين گاڏيون بيهي ويون، مڇريل ماڻهن ڪنڌ ڪوٽ باءِ پاس پوليس جي چوڪيءَ کي باهه ڏئي ڇڏي، ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جي لاءِ پوليس ۽ رينجرز هوائي فائرنگ ڪئي ڪڏهن ته ڳوڙها آڻيندر گئس جي شيلنگ به ڪئي. گل ڀيو جي مارجڻ کانپوءِ ڪنڌ ڪوٽ، غوثپور، ڪرمپور ۽ ٻين شهرن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، ايس ايس پي سميع الله جو چوڻ آهي ته گل ڀيو قتل ۽ ٻين پنجاهه کان وڌيڪ سنگين وارداتن ۾ گھربل هو.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے