21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڪيسن سان منهن ڏبو، چوڌري نثار ڦڙتي گھڻي ٿو ڏيکاري، نواز شريف هڪ شهر جو وزيراعظم آهي: شرجيل ميمڻ

Sharjelڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان عدالتن جو احترام ڪندا آهيون، عدالتن تي اعتماد آهي، ڪيسن سان منهن ڏينديس، اڄ حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽيءَ جو تاريخي جلسو ٿيندو، مون تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا، اسان عدليه جو احترام ڪندا آهيون، اسان ميان نواز شريف جيان عدالتن تي حملا ناهيون ڪندا، اسان ڪورٽ کان ڪنهن به قسم جو اسٽي نه وٺنداسين، عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏينداسين، ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته چوڌري نثار غير ضروري شين تي ڏاڍي گھڻي ڦڙتي ڏيکاريندو آهي، کيس پاناما ڪيس تي به ڦڙتي ڏيکارڻ گھرجي ها، جيڪو ڪم چوڌري نثار کي ڪرڻ گھرجي هو ناهي ڪندو، جيڪي ڪم ناهن ڪرڻا هوندا هو ڪري ويندو آهي، شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته چوڌري نثار وزيراعظم ۽ ان جي خاندان جو نالو اِي سي ايل ۾ ڇو نه وڌو؟ اسان ڪنهن ڪيس تي به اسٽي آرڊر ناهي ورتو، چوڌري نثار سمجھي ٿو ته هي ملڪ سندس جاگير آهي، هو جيڪو چاهيندو اهو ڪري سگھندو، پر ايئن ناهي، چوڌري نثار ڀڙڪيون نه هڻي، قانون سڀني لاءِ برابر آهي، چوڌري نثار جي آسري تي هي ملڪ نه ٿو هلي سگھي، اها چوڌري نثار جي ڀُل آهي، چوڌري نثار ايمانداريءَ سان ڪم ڪري،  ڀُٽو شهيد جي دور ۾ ادارن جي جيڪا حالت هئي هاڻي اها ناهي، ادارن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سنڌ جو وڏو وزير تعليم کاتي، ۽ ٻين ادارن کي بهتر ڪري رهيو آهي، پيپلز پارٽي ڪوڙن ڪيسن سان منهن ڏيندي، جڏهن دهشتگرديءَ جو وڏو واقعو پيش ايندو آهي ته چوڌري نثار سوڙ وجھي هڪ هفتي جي لاءِ سمهي پوندو آهي، ڪوئيٽا ڪميشن جي رپورٽي چوڌري نثار کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي، چوڌري نثار کي رڳو مخالف ڌر جي لاءِ گجڻ ۽ وسڻ ايندو آهي، پاڪستان ۾ وزارت وٺڻ نه پر ڪيسن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ آيو آهيان، مقابلو ترقيءَ جو هجڻ گھرجي ۽ اسان اهو مقابلو ڪنداسين، نواز شريف رڳو هڪ شهر جو وزيراعظم بڻجي ويو آهي، ميان صاحب سنڌ ۾ رڳو لالي پاپ ڏيڻ جي لاءِ ايندو آهي.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے