24 سومر , سيپٽمبر 2018

راحيل شريف بابت سعودي حڪومت کي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي: خواجا آصف

khwaja-asifاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف بابت اسان سعودي عرب جي حڪومت کي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته اسان اهڙو فيصلو چاهيون ٿا، جنهن ذريعي سعودي عرب سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين، ان سڄي معاملي جا تفصيل هڪ ٻن مهينن ۾ اچي ويندا. هن چيو ته اهو معاملو ڪنهن ڀائر ملڪ تي اثرانداز نه ٿيڻ گهرجي، اتحاد دهشتگردي خلاف جوڙيو پيو وڃي. خواجا آصف چيو ته مون کي خبر ناهي ته سعودي حڪومت اڳوڻي آرمي چيف کي ڪيتري پگهار ڏيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ ٺهراءُ جمع  

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر طرفان سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم  خلاف ۽ ڀاشا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے