19 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ارٿ آور ملهايو پيو وڃي

earthڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ارٿ آور ملهايو پيو وڃي، 8.30 کان 9.30 وڳي تائين زمين سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ اهم عمارتن ۾ غير ضروري بتيون وساميون ويون آهن. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا سميت ٻين شهرن ۾ هڪ ڪلاڪ لاءِ لائيٽون بند ڪيون ويون آهن. قومي اسيمبلي، سينيٽ، ايوان صدر ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ غير ضروري بتيون بند ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۽ سفارتخانن ۾ زمين سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ اونداهي ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ پنجاب اسيمبلي، گورنر هائوس، بلوچستان اسيمبلي سميت ٻين اهم سرڪاري عمارتن ۽ خانگي آفيسن جون بتيون وساميون ويون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے