24 سومر , سيپٽمبر 2018

گرمين ۾ چهري جي حفاظت لاءِ اسان جي هدايتن تي عمل ڪيو

wterڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسم جي مَٽجڻ سان ڪيتريون ئي تبديليون اچي وينديون آهن، هر موسم ۾ چهري جي الڳ الڳ طريقن سان حفاظت ڪئي ويندي آهي، گرميءَ جي موسم ۾ تيز اُس چهري جو رنگ سانورو ڪري ڇڏيندي آهي، تنهن ڪري ان کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ توهان کي ڪجهه هدايتون ٻڌائجن ٿيون.

پاڻي جو استعمال:

گرمين دوران جسم ۾  پاڻي جي کوٽ معمولي ڳالهه آهي، جنهن سان ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون ۽ چهري جي سونهن پڻ متاثر ٿئي ٿي، تنهن ڪري گرمين ۾ وڌ کان وڌ پاڻي جو استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ ٻاهر وڃڻ وقت به پاڻي گڏ کڻي نڪرڻ گهرجي.

وهنجڻ:

جسم جي صفائي رکڻ سڀنيءَ جو فرض آهي، تنهن ڪري گرمين ۾ روز ٻه ڀيرا وهنجڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو، چهري جي حفاظت لاءِ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ڀيرا مُنهن ڌوئڻ گهرجي.

صابڻ ۽ فيش واش:

گرمين جي موسم ۾ چمڙي ڏاڍي حساس ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري عام صابڻ يا فيس واش کان پري رهڻ ئي بهتر آهي. اهڙي ڪا به شئي خريد ڪرڻ کان اڳ اها پَڪَ ڪيو ته ان ۾ ڪو ڪيميڪل ته شامل ناهي، ڇو ته اهو توهان جي چمڙيءَ لاءِ نقصان جو سبب بڻجندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽماٽو اسڪن ڪيئر لاءِ به بهترين ميوو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽماٽو روز مرهه جي غذا جو اهم جز آهي ۽ کائڻ جي ذائقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے