19 اربع , سيپٽمبر 2018

هاڻي رڳو رهيل کُهيل دهشتگردن کي انجام تي پهچائڻو آهي: چوڌري نثار

Chodhri Nisarلورالائي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار عليءَ چيو آهي ته هيءَ عام وردي نه آهي هِن يونيفارم جي شان ۾ شهيدن جو رت شامل آهي، ايف سي اهلڪار شُر ۽ فساد کي پاڙان پٽڻ جي لاءِ ڪفن ٻڌيون ٿا وتن، ايف سي جي نوجوانن وطن جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، لورالائي ۾ ايف سي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ واري تقريب کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته ڪجھه مڻهو آهن جيڪي بلوچستان ۽ پاڪستان ۾ امن نه ٿا چاهين، ڪجھه ماڻهو نه ٿا چاهين ته اسان جا ٻار خوش زندگي گھارين، الله تعاليٰ جي رحمت ۽ برڪت اوهان سان گڏ آهي، فسادي بلوچستان جي نوجوانن کي استعمال ڪري رت جي راند کيڏڻ چاهين ٿا، نوجوانو اوهان الله جو نالو وٺي فسادين کي ختم ڪيو، ڪجھ ماڻهو اسان جا ازلي دشمنن کان پيسا وٺي عياشيون ڪندا آهن، نوجوانن کي ورغلائيندا آهن، سڪيورٽي فورسز جي قربانين‏، ڪوششن سان بلوچستان امن آيو، دهشتگرديءَ خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، اسان جو دشمن ڪيترو موذي، ازلي، بي ايمان ڇو نه هجي فورسز کيس نابود ڪري ڇڏيو آهي، خوشي آهي ته ايف سي پنهنجي ذميوارين کان وڌي ڪردار ادا ڪري رهي آهي،  وزيراعظم سان ايف سي جي وڌيڪ مدد جي درخواست ڪندس، امن، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ ايف سي جو ڪردار حقوق العباد جي ادائيگي آهي، ايف سي بلوچستان جي ڪاوشن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، بلوچستان جي عوام وڏا مسئلا ڏٺا آهن ۽ گھڻيون قربانيون ڏنيون آهن، جڏهن کان عهدو سنڀاليو آهي سدائين چيو آهي ته هي اوهان جا ماڻهو آهن انهن سان محبت سان پيش اچو، بلوچستان جي سڪيورٽيءَ بابت ايف سيءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. گھرو وزير جو چوڻ هو ته هاڻي رڳو رهيل کُهيل دهشتگردن کي انجام تي پهچائڻو آهي، سول فورسز پاڪ فوج سان سرحد تي دشمن جو مقابلو ڪندي آهي، پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز کي فتح ملي چڪي آهي، ترقي بلوچستان ۽ پاڪستان کي پُڪاري رهي آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن دهشتگرد مڪمل ختم ٿي ويندا، حڪومت 2 سالن ۾ عام بجيٽ کان سواءِ به سڪيورٽي تي 70 ارب رپيا خرچ ڪيا.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي انسان آهن، افغانين ۽ بنگالين کي اڄ نه ته سڀاڻي شهريت ڏيڻي پوندي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان مهاجرن کي شهريت ڏيڻ بابت قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے