26 اربع , سيپٽمبر 2018

ايم ڪيو ايم باني جي نريندر مودي کي مدد جي اپيل، متحده پاڪستان جي سخت مذمت

farooq sattarلنڊن(ويب ڊيسڪ) ڀارتي مسلمانن جو قاتل نريندر مودي ايم ڪيو ايم جي باني کي مسيحا نظر اچڻ لڳو. پاڪستان خلاف نعرن کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي باني ڀارت کي مداخلت جي اپيل ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان رابطا ڪميٽي بيان جي مذمت پڻ ڪئي آهي. يوم پاڪستان جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي سربراهه پاڪستان خلاف کلي سامهون اچي ويو. ايم ڪيو ايم جي باني پاڪستان خلاف ڀارت کان مدد گهري آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن پاڪستان ٺاهي غلطي ڪئي هئي. پنهنجي بيان ۾ ايم ڪيو ايم جي باني ڪراچي جي عوام کي پناهگير قرار ڏنو آهي، هن ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي کي اپيل ڪئي آهي ته هو مهاجرن جي حق ۾ آواز اٿاري. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي ان بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي سازشن ۽ مهاجر عوام جي حب الوطني خلاف سازش کي هر سطح تي ناڪام بڻائينداسين. رابطا ڪميٽي پاڪستان جو چوڻ هو ته مهاجر عوام ڄاڻي ٿو ته نريندر مودي گجرات جو قاصائي آهي،  مودي اتر پرديش جو وڏو وزير به مسلمان دشمن چونڊيو. هوڏانهن پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون پنهنجي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو باني پاڪستان ۾ ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهي ٿو، هو ملڪ دشمن ۽ غدار شخص آهي. هنن چيو ته ايم ڪيو ايم جي باني ان بيان تي پنهنجي را جي ايجنت هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي، انيس ايڊووڪيت مطالبو ڪيو ته هن جي پاڪستان شهريت رد ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

موجوده حڪومت چين جي اعتماد کي نقصان رسايو جنهن سبب آرمي چيف کي اُتي وڃي وضاحت ڏيڻي پئي: مولانا فضل الرحمان

ملتان(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے