20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪي اليڪٽرڪ گرمي شروع ٿيندي ئي شهر ۾ بدترين لوڊشيڊنگ شروع ڪري ڇڏي

Karachi Load Sheding ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گرمي جي شدت ۾ واڌ سان گڏوگڏ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ڪي اليڪٽرڪ طرفان خاص ڪري شهر جي مختلف علائقن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ شروع ڪئي وئي آهي. گرمي ۾ واڌ سان گڏوگڏ شهر ۾ هڪ پاسي پاڻي جو بحران شروع ٿي ويو آهي ته ٻئي پاسي بجلي جو بحران به شهرين کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. شهرين دانهون ڏنيون آهن ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان شهر ۾ 8 کان 10 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ شروع ڪئي وئي آهي. لياري جي علائقي مال پڙي، نوالين، ڪلري، بغدادي، شاهه بيگ لين، بهار ڪالوني، آگره تاج ڪالوني ۽ چيل چوڪ سميت ٻين جڳهين تي صبح، منجهند ۽ شام جي وقت اڍائي اڍائي ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ملير، جناح اسڪوائر ۽ معين آباد سڄي ڏينهن ۾ 8 ڪلاڪ، لانڍي جي علائقن زمان آباد، بابر مارڪيٽ، انڪوائري اسٽاپ ۽ چراغ هوٽل سميت ٻين هنڌن تي 8 کان 10 ڪلاڪ، ڪورنگي جي  سيڪٽر A-32 کان سواءِ ڪورنگي نمبر 1، نمبر 2 ۽ نمبر 3 وارن علائقن ۾ اڍائي اڍائي ڪلاڪ، قبصا ڪالوني، اورنگي ٽائون ۽ منگهي پير ۾ طويل لوڊشيڊنگ جو آغاز ڪيو ويو. ٻئي پاسي قائد آباد، شير پائو ڪالوني، چڪرا ڳوٺ، شاهه فيصل ڪالوني، محمود آباد ۽ نارٿ ناظم آباد به لوڊشيڊنگ جاري آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے