20 خميس , سيپٽمبر 2018

سنڌ جي خوشحالي جي لاءِ 2018ع ۾ پ پ جي شڪست لازمي آهي: خواجا سعد رفيق

Khuwaja Saad Rafiqueاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ايندڙ سال 2018ع ۾ پيپلز پارٽي جي شڪست لازمي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻين تي ڪميشن وٺڻ جو الزام لڳائڻ کان پهرين آصف زرداري صاحب پهرين پاڻ کي شيشي ۾ ڏسي. هن چيو ته ڦرلٽ جي بلڪل نوان طريقا ايجاد ڪرڻ زرداري صاحب جو امتيازي طريقو آهي، آصف زرداري جي 10 سالن جي اقتدار واري دور سنڌ کي آفت سٽيل کنڊر بڻايو،  سنڌ جي ترجماني جي دعديوار زرداري پارٽي سنڌ جي عوام کي مايوسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مسلم ليگي اڳواڻن خلاف انتقائي ڪارروائين سان پيش قدمي نه بيهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے