17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز : شاگرد ادب، فلسفي ۽ تاريخ کان پري آهن : رياض شيخ | پروگرام : سنڌ منظر

نصاب جي تبديلي واري ڪاميٽي جي سفارشن تي مذهبي ڌرين اعتراض واريا

نوڪري لاءِ پڙهندڙ نوجوان جديد علم کان پري آهن: ع آ ٽي وي سان ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) عوامي آواز جي پروگرام سنڌ منظر ۾ سنڌ جي تعليمي تباهي بابت ڳالهائيندي تعليم جي ماهر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر رياض احمد شيخ چيو ته ڪالوني واري دور ۾ انگريزن حڪمت عملي تحت مخصوص علائقن ۾ تعليم عام ڪئي هئي ۽ ڪيترن ئي علائقن کي تعليم کان محروم رکيو هو ۽ سنڌ حڪومت به ساڳي روايت برقرار رکيون پئي اچي. تعليم کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪيو ويو آهي. عوام کي شعور وٺڻ کان روڪيو ويو آهي. متان پنهنجا حق گهرن. هن چيو ته تعليم جي وزيرن جي نااهلي ڪري تعليم بابت پاليسيون بيوروڪريسي ٺاهيون پر اهي به نااهل نڪتا صرف انگ اکرن ۽ حساب ڪتاب تائين محدود رهيا ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي تعليم تباهه ٿي وئي. 79ع کانپوءِ تعليم کي ڪمرشلائيز ڪيو ويو. جنهن سان تعليمي معيار ڪريو ۽ سرڪاري اسڪول ويتر تباهه ٿي ويا. ڊاڪٽر رياض چيو ته دنيا ۾ هر اچڻ واري ڏينهن تي نئين ريسرچ نئين ڄاڻ اچي پئي هر شعبي ۾ نواڻ اچي رهي آهي پر اسان وٽ استادن کي اپ ڊيٽ نه پيو ڪيو وڃي. انهن کي نئين ڄاڻ لاءِ تربيت نه پئي ڏني وڃي پراڻا ڪتاب پراڻا ڪورس پڙهايا وڃن ٿا. اسان جو تعليمي نصاب عالمي معيار مطابق ناهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ حڪومت نصاب کي تبديل ڪرڻ لاءِڪميٽي ٺاهي پر ان جي سفارشن تي مذهبي جماعتن اعتراض واريا. اسان وٽ ميڊيا ۽ استاد مذهبي تعصب ڦهلائي رهيا آهن. جنرل ضياءَ جي دور ۾ نصاب کي اسلامائيز ڪيو ويو. اسان جي موجوده نسل صرف نوڪري لاءِ پڙهي ٿو انهي ڪري ڄاڻ ته پرائي ٿو پر علم کان پري آهي. ڪتاب ڪو نه پيا پڙهيا وڃن. ٻار ادب، فلسفي، تاريخ کان پري آهن. لائبريريون خالي آهن. ٻاهرين ملڪن ۾ ننڍيون نوڪريون ڪندڙ مزدور طبقو ساليانو 22 ارب ڊالر موڪلي ٿو جنهن تي ملڪ هلي پيو انهي ڪري حڪومت کي پئسو ملي ٿو پوءِ تعليم کي سڌارڻ لاءِ اهي سوچن ئي نه ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: بائيو مئٽرڪ نظام سان پرائمري تعليم ۾ بهتري نه آئي | پروگرام: سنڌ نگر، ميزبان : حنيف ساگر | ٽيلي فول لائن تي :عبيد ڌاريجو، اي بي سومرو، شبير ڀٽي

عبيد ڌاريجو      پير جو ڳوٺ بائيوميٽرڪ نظام سان تعليم ۾ بهتري نه آئي اسڪول ويران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي