22 بدھ , نومبر 2017

جتي باھ لڳي سا جاءِ جَلي !

عرفان عالماڻي

                         هي 2014ع جو ڏينهن ۽ منجهند جو وقت هيو جڏهن موبائيل جي ميسيج جي گهنٽي وڳي اهو ميسيج هيو منهنجي سهڻي يار سلمان وڌي جو موبائيل کڻي ميسيج چيڪ ڪيم ته لکيل هيو

”جاني ناراضگي آ ڇا لفٽ ئي ناهي“

مون کيس ريپلاءِ ڏيندي چيو

”سائين اوهان اسان جا ليڊر ائين توهان سان ناراضگي اسان کي جُڳائي ٿي ؟“

ائين ئي اسان جي ميسيجن تي مختصر ڳالھه ٻولھه ٿي شام جي وقت ۾ مرڪزي ميڙاڪو رکيل هيو آزادي مارچ جي جاڳرتا لاءِ سڀ مرڪزي اڳواڻ آيل هئا، سواءِ ڀائو مقصود ۽ سلمان جي – مون سلمان کي ميسيج ڪري پڇيو ته ڪٿي آهيو؟ سڀ آيا آهن توهان ناهيو آيا؟ سلمان جي ميسيج جي جواب ۾ موڪليل اهي جملا اڄ تائين ذهن ۾ گونجندا آهن جڏهن به سندس تصوير نظرن اڳيان گذرندي آهي – جواب هيو ته؛

سهڻا ڀائو سان گڏ سنڌ نڪتل آهيون پَرينءَ يعني 23 مارچ تي سنڌ جي دل ۾ دليون ملائي سينن سان ملبو.

۽ اها 23 مارچ به آئي مگر سلمان ۽ سندس سينو سَڙيل حالت ۾ منهنجي اکين آڏو خاڪ بڻجي پيا هئا. ۽ منهنجي سيني مان دل اُڌما کائي ٻاهر اڇلون ڏئي رهي هئي، روئڻ ٿي چاهيم پر اکين جي زمين بنجر ٿي پئي هئي، ڳالهھ نڙي ۾ ڦاسي پئي هئي ۽ اکين اڳيان اوندَھ جو بند اچي ويو هيو، لُڙڪ اکين جي تارن پويان بيهي رهيا هئا، هانءُ اندر ماتم هيو ۽ جسم پٿر بڻجي بيهي رهيو هو، يقين نه پئي آيو ته هي شهزادا واقعي ئي مٽيءَ جي مُٺ بڻجي خاڪ ٿي اڳيان پئجي رهيا آهن، ڪيئن وساري سگهان پيو ته هڪ ڏينهن اڳ سلمان جيڪي جملا مونکي چيا هئا، اهي حقيقت ڇو نه بڻجي سگهيا –

23 مارچ سنڌ جي آجپي ۽ حقن جي حاصلات لاءِ هن رياست اڳيان جسقم جو هڪ تمام وڏو اجتمائي احتجاج هو دنيا جي طاقتور ادارن اڳيان ته هن ملڪ هن رياست ڪيئن نه سنڌ جي حقن تي راتاهو هڻي سنڌ کان سوين جوانن جون جانيون کسيون آهن، سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻي وفاق هميشه ويساھ گهاتيون ڪندو رهيو آهي، سنڌ سڪتي ۾ هجڻ باوجود حڪمرانن جي هيانءَ تي رهنڊ نه پئي اچي – پوءِ هن ملڪ جا ڪرتا ڌرتا ڪيئن پئي اهو برداشت ڪري سگهيا ته هن احتجاج کي ڪيئن به ڪري ڇو نه روڪجي ؟ جيڪو سمورن ادارن جي پت کي وائکو ڪرڻ لاءِ رچايو ويو هو.

مقصود خان قريشي، شهيد بشير خان قريشي جي شهادت کانپوءِ پارٽي وٽ اهو واحد ماڻهو هو جيڪو شهيد بشير خان قريشي جي نقشِ قدم تي هلڻ سان گڏ پنهنجي ڪيل ڪمينٽمنٽ کان وک به پوئتي هٽڻ وارن مان نه هيو، وَڏي جي شهادت بعد جهڙي ريت هن واڳ سنڀالي هئي ته سندس جي مرڪي ملڻ ۽ سادگي واري طبيعت مان شهيد بشير خان جي خوشبوءِ ايندي هئي، اڃان سندس سيني مان ڀاءُ جو غم ئي نه سڪو هو جو وَري ان ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ هو هر وقت سرگرم رهندو هيو، خانداني واڳ کي سنڀالڻ سان گڏوگڏ هو پارٽي کي به منظم ڪرڻ لاءِ هر وقت بيتاب رهندو هو ۽ 24 ڪلاڪ مسلسل ڪارڪنن سان ڊائريڪٽ رابطن ۾ رهندو هو. اها ئي سندس خوبي هئي جيڪا شهيد بشير خان قريشي ۾ پڻ هئي، جنهن ڪري ئي انهن وڏي کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ ان کي مارڻ کانپوءِ انهن سوچيو ته سنڌ جي قومپرست سياست ۾ باقي ڪو داڻو نه بچندو، انهن جي غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ جيئن مقصود خان ڏينهن رات سرگرم ٿيو تيئن ئي اهو سگهارن ادارن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجندو ويو.

شيخ اياز جي انهن سٽن جو عڪس ته:

تون جي مونکان پوءِ اچين،

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،

منهنجا گيت ٻڌين، مونکي ياد ڪرين،

سنڌڙي ساري ڳاڙهو کُهنبو ٿي ويندي تيسين،

۽ جي ان تي منهنجون ڦلڙيون ڏات ڦلڙيون ڏسين،

شال اهو سمجهين ته ڏات وڏي شئي ناهي،

پر سچ وڏي شئي آهي، جو سچ مچائي

سو مَچُ وڏي شئي آهي.

۽ ان ئي سچ جي راھ تي هو اٽڪي بيهي رهيو ۽ سچائي سان سنڌ کي سچ سمجهي ان شهيد وَڏي ڀاءُ جي نقش قدم کي اڳتي وڌايو.

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو –  ايندو نه وري هي وڻجارو !

سلمان وڌو 18 سالن جو هڪ ڳڀرو نوجوان جنهن جي من ۾ به ڌرتيءَ جو عشق ائين اڀريو جيئن ٻهراڙيءَ جي الهڙ جواني رکندڙ ناريء جي من ۾ ڪو پريم ڪٿا جو سورج اڀري، هو اڃان رومانوي دنيا جي عشقيه قصن کي ئي مڪمل پڙهي پورو نه ڪري سگهيو هو جو ائين ئي سندس موت لامارو ڏئي اسان کان الڳ ڪري ويس جيئن جهنگ ۾ ڳجهھ کي ڪو جانور جو ٻچو هٿ اچي وڃي –

سلمان وڌو نهايت سلڇڻو، کِل مُک ۽ حسين صورت سان گڏ سهڻي سيرت وارو نوجوان هيو، جيئي سنڌ لطيف سنگت ۾ هي واحد نوجوان هيو، جنهن جيئي سنڌ هلچل جي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کانپوءِ پهريون ڀيرو 2011ع کان 2012ع جي وچ ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگت ۾ سموري سنڌ جا دورا ڪري 17 ضلعن ۾ ان کي متحرڪ ڪيو، شهيد مقصود قريشي هر وقت کيس ساڻ کڻندو هيو ۽ ٻن سالن اندر ٻنهي ۾ ايتري ته محبت ۽ هجت وڌي وئي جو ڀائو مقصود قريشي کي اڪيلي سفر ڪرڻ ۾ بوريت محسوس ٿيندي هئي ۽ هو مختلف دوستن کي فونون ڪري سفر ۾ ساڻ هلڻ جي آڇ ڪندو هو ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن مونکي پڻ چوندو هو ته ڀائو دوري تي هلون.

آخري ڏينهن ۾ 23 مارچ جا دورا ڪرڻ سبب مونکي ياد آهي ڏينهن رات اوجاڳي جي ڪري سلمان وڌي جي طبيعت نهايت خراب ٿي پئي هئي، جڏهن شهيد مقصود خان مارچ جا دعوت ناما ۽ وال پوسٽر کڻي سموري سنڌ جي دورن تي نڪري رهيو هو ته سلمان مونکي چيو هو توهان ڀائو سان گڏ وڃو مون کيس اهو چيو هو ته ادا آءُ نٿو وڃي سگهان، منهنجي پڙهائي آهي ۽ مجبورن سلمان کي ئي وڃڻو پيو هو، اها اسان جي آخري ڳالهھ ٻولھه هئي.

21 مارچ 2014ع جو اهو ڏينهن سنڌ تي ٽين قيامت بڻجي ڪريو هو جڏهن سموري سنڌ غير يقيني صورتحال ۾ مبتلا ٿي وئي هئي ته اهو ڪيئن ممڪن ٿو ٿي سگهي .

پهرين قيامت هئي 2007ع ۾ جڏهن 27 نومبر تي محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي، ٻي قيامت 2012ع جي اپريل مهيني جي 7 تاريخ تي سنڌ مٿان وڄ بڻجي ڪري جڏهن بشير خان قريشي شهيد ٿي ويو ۽ اها ٽين قيامت هئي 21 مارچ 2014ع تي جڏهن سنڌ جا ٻه ڪونڌر شهزادا مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌي جي شهيد ٿيڻ جي خبر سنڌ ۾ واچوڙي جيئن وکرجي وئي هئي. هي ويل انهن جي وڃڻ جي نه هئي پر هڪ گهري منصوبي تحت انهن جي سينن ۾ گوليون هڻي پروڻ ڪري کين انسانيت کي لڄائيندي، سندس لاشن کي به ساڙي خاڪ ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تعليم ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڍڳو پير پيران واري ڪارڪردگي

شبير سوڍڙو چئبو ته اسان جي تعليم ترقي پئي ڪري يا اڳتي وڌڻ بدران  پير پوئتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے