19 خميس , آڪٽوبر 2017

آدمشماريءَ جي معلومات ڳجهي رکڻ جو مطلب ڇاهي؟

ملڪ اندر مخالف ڌر جي مکيه ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت ملڪ اندر جاري ڇهين آدمشماريءَ جي طريقيڪار تي اعتراض واريندي ان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت، شماريات جي کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن کي ڌر بڻايو ويو آهي.

انهيءَ ڏس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻ سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته کين آدمشماريءَ جي طريقيڪار تي خدشا آهن، ڇو جو ان ۾ معلومات تائين رهڻ جي بنيادي حق کي ڳجهو رکيو ويو آهي، هن چيو ته موجودهه طريقيڪار ۾ شفافيت ناهي، جنهن جي ڪري سمورو عمل ئي شڪي ٿي ٿو وڃي.

هن مطالبو ڪيو ته گهر ۽ آدمشماريءَ ۾ جيڪا معلومات گڏ ڪري ترتيب ڏني وڃي، تنهن کي ان وقت ئي ويب سائيٽ تي شايع ڪيو ويندو رهڻ گهرجي، ته جيئن ماڻهن کي خبر پئي ته سندن علائقي ۾ ٿيندڙ گهرشماريءَ ۾ ڪيترا گهر سامهون آيا آهن.

ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر ڇهين آدمشماريءَ جو عمل جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيو آهي تيئن تيئن ان بابت شڪ شبها به جنم وٺي رهيا آهن ته سوال به اٿي رهيا آهن، آدمشماريءَ جي شفافيت بابت هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ سوال سنڌ ۾ ئي اٿيا آهن.

هڪ ته گهرشماريءَ وارو مرحلو جيڪو ٽن ڏينهن تائين محدود هو، تنهن بابت سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ضلعن مان اطلاع آهن ته اڌ تي اڌ گهر ڳڻپ کان رهجي ويا آهن، ٻيو ته فارم جڏهن بال پين سان ڀرجڻو آهي ته عملو اهو فارم پينسل سان ڇو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڀري رهيو آهي؟

ڇا تربيت آدمشماريءَ لاءِ مقرر عملي ۽ جوانن کي نه سمجهايو ويو هو ته پينسل سان فارم ڀرڻ ڏوهه آهي ۽ ان سان شڪ شبها پيدا ٿي سگهن ٿا؟

ٻيو ته گهرڌڻي جڏهن عملي تي زور ڏئي ٿو ته فارم پينسل سان نه ڀريو ته ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي پنهنجي هلائي وڃي ٿي، اهڙو عمل سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ منظم نموني ٿي رهيو آهي ۽ شماريات کاتي جي سربراهه طرفان نوٽيس وٺڻ باوجود عملي تي ڪنهن به قسم جو فرق پوندي نظر نه ٿو اچي.

رڳو پاڪستان پيپلزپارٽي ئي نه پر سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورين ڌرين آدمشماريءَ بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي، سندن خدشا ان وقت پڪ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا، جڏهن ڪراچيءَ اندر آدمشماريءَ جا جعلي فارم ورهائجڻ جون خبرون اچن ٿيون.

آدمشماري اهڙو عمل آهي، جيڪو ملڪ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ مستقبل جي درست رٿابنديءَ لاءِ لازمي آهي پر پاڪستان ۾ جيئن هر شئي کي پنهنجي مخصوص اک سان ڏٺو ويندو رهيو آهي، تنهن ڪري آدمشماريءَ بابت ننڍن صوبن جا خدشا سامهون اچي رهيا آهن، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته آئين موجب آدمشماري واري واري سان هر ڏهين سال ٿيندي اچي ها ۽ اها ائين سالن جا سال ليٽ نه ٿئي ها، جيئن هيل اڻويهن سالن کانپوءِ ٿي رهي آهي.

سنڌ ۾ آدمشماريءَ بابت سنڌ سرڪار به سوال اٿاريا آهن، سنڌ جي وڏي وزير ان ڏس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي خط لکي مطالبو به ڪيو هو ته آدمشماريءَ بابت معلومات مقامي سطح تي پڌري ڪئي وڃي پر سندس اهو مطالبو رد ڪيو ويو.

سنڌ جي ماڻهن کي آدمشماريءَ بابت هميشه خدشا پئي رهيا آهن، جهڙي نموني ملڪ جي ٻين صوبن ۽ قبيلائي علائقن جا ماڻهو توڙي ڌاريا ۽ غيرقانوني پرڏيهي آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويندا رهيا آهن، تن سان سنڌي ماڻهن جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ سياسي ڌريون امڪان ظاهر ڪنديون رهيون آهن.

ٻيو ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ٽيهه سيڪڙو ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل ناهن، جڏهن ته نادرا ۽ شماريات کاتي اڳ ئي چيو آهي ته سنڌ اندر جن پنجاهه لک ڌارين سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڇڏيا آهن، سي ڳڻيا ويندا، سو ڌاريا، جيڪي ڌرتي ڌڻي ناهن، سي جي ڳڻيا ويندا ته لازمي آهي ته ڪو سنڌ جي آدمشماريءَ تي مثبت اثر نه پوندو ۽ ائين ٿيڻ سان سنڌ جا ماڻهو جن خدشن جو اظهار ڪندا رهيا آهن ته کين اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش پئي ٿي، سي سندن خدشا درست ثابت ٿيندا.

هاڻي جڏهن سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ قومپرست ڌرين سان گڏوگڏ صوبي جي حڪمران جماعت به مطالبو ڪيو آهي ته آدمشماريءَ بابت جيڪا به معلومات گڏ ٿيندي وڃي سا فوري طور تي مقامي سطح تي شايع ۽ ظاهر ڪئي وڃي ته ان کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي.

معلومات تائين رسائي هر شهريءَ جو آئيني ۽ بنيادي حق آهي، تنهنڪري جنهن بلاڪ، جنهن گهٽي، پاڙي، شهر ۽ ضلعي ۾ جيڪي به گهر ڳڻجن ٿا، جيڪي به فرد ڳڻجن ٿا، تن جا انگ اکر بنا ڪنهن دير جي فوري طور تي ڳوٺ جي پاڙي جي ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي ظاهر ڪرڻ گهرجن، جيئن آدمشماريءَ واري عمل جي شفافيت يقيني بڻجي ۽ ان بابت ڪي به شڪ شبها جنم نه وٺن.

ان کان علاوه آدمشماريءَ جي جنهن عمل بال پين بدران پينسل سان فارم ڀرڻ ساڻ ڪر کنيا آهن، تن ۾ ڊاٿو ڊوٿو نه ٿيندو؟ سو ڪير يقيني بڻائيندو ۽ اهو ته قانون ۽ طئي ٿيل اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ان عملي خلاف ڪير ڪارروائي ڪندو؟

هن ڀيري جيڪا آدمشماري ٿي رهي آهي تنهن جي نتيجن ۾ سڄي ملڪ اندر قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ لاءِ نوان تڪ ٺهڻا آهن، يعني نيون تڪبنديون ٿينديون، وفاق کان صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جو مکيه اهڃاڻ به آبادي آهي، تنهن ڪري هيءَ آدمشماري ملڪ جي سڀني صوبن، خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي، آدمشماريءَ ۾ ڪنهن به قسم جي هٿ چراند ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ نه هوندي، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر سطح تي آدمشماري جي  شفافيت يقيني بڻائڻ گهرجي.

اڱارو 21 مارچ 2017ع، 21 جمادي الثاني 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

بدعنوانين، بي قاعدگين ۽ بي ضابطگين جي خاتمي جي ضرورت

پاڪستان جي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ مطابق نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان ملڪ اندر مختلف …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي