24 جمعو , مارچ 2017

موجوده آدمشماري سنڌ جي لاءِ آجپو ثابت ٿيندي يا ڦاهو؟!

جي اين مغل

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن ڀيري آدمشماري ۽ خاص طور تي ان جي پهرئين مرحلي ”گهر شماري“ جي اشوءَ تي پهريون ڀيرو سنڌ جي گهڻو ڪري مڙني سياسي جماعتن، تنظيمن، دانشورن، صحافين، اخبارن، چئنلن ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوام ۾ هڪ اهڙو اڀار نظر آيو آهي، جنهن جو مثال هن کان اڳ ڪونه ٿو ملي. ساڳئي طرح سنڌ حڪومت وقت بوقت آدمشماري بابت مرڪز طرفان ٿيندڙ ڪجهه ارهه زوراين ۽ غير ضروري حرڪتن جو نوٽيس پئي ورتو آهي، (معاف ڪجئو آئون وفاقي حڪومت کي وفاقي حڪومت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان. ڪنهن به صورت ۾ هي حڪومت وفاقي طور نه پر مرڪزي حڪومت طور قدم کڻندي پئي اچي). 1973ع جي آئين باوجود جيڪو ڪنهن حد تائين وفاقي آهي ۽ خاص طور تي 18هين آئيني ترميم جي منظوريءَ باوجود مختلف وقتن تي هي حڪومت آئين کي پٺي ڏئي ۽ اهڙا قدم کڻندي رهي آهي جيڪي ان صورت ۾ کنيا ويندا آهن جڏهن اڃان به ملڪ ۾ ون يونٽ جو تصور عملي طور حاوي هوندو آهي ۽ ائين سمجهبو آهي ته مرڪزي حڪومت هن وقت مڙني صوبن کي وڏي صوبي جو حصو سمجهي ٿي. ان سلسلي ۾ ڪئين مثال ڏئي سگهجن ٿا خود مرڪزي حڪومت جو اهو رويو، جنهن تحت ڪڏهن 10 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائڻ ته ڪڏهن 15 سالن کانپوءِ ته ڪڏهن 16 سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائڻ وغيره- آدمشماري ڪرائڻ واري اداري، جنهن کي فيڊرل بيورو آف اسٽيسٽڪس چيو ويندو آهي تنهن جو سربراهه جڏهن ائين چوندو ٻڌو وڃي ته ان جي باوجود ته گڏيل قومن جي ڪنوينشن ۾ هاڻ اها ڳالهه به شامل ڪئي وئي آهي ته هر ملڪ هر ڏهن سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائڻ لاءِ پابند آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ هر ڏهن سالن بعد آدمشماري نه ٿي ته ڇا ٿي پيو. هاڻ جيڪا مرڪزي حڪومت ۽ ان جا اهم ڪامورا گڏيل قومن جي ڪنوينشن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته پوءِ اهڙي حڪومت کي وفاقي حڪومت ڪيئن سڏي سگهجي ٿو؟ انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکندي آئون نه فقط پاڪستان جي ٽنهي صوبن پر خاص طور تي سنڌ حڪومت تي زور ڏيندس ته آدمشماري کانپوءِ سنڌ حڪومت باقي ٻنهي ننڍن صوبن جي حڪومتن سان ملي آئين ۾ اها ترميم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ملڪ ۾ آدمشماري هر ڏهن سالن کانپوءِ لازمي ٿي پئي.

هاڻ اسين ان ڳالهه جو جائزو وٺنداسين پر اچو ته ڏسون ته سنڌ ۽ ان جي هڪ انتهائي حساس علائقي ڪراچي ۾ آدمشماري وارو پهريون مرحلو ”گهرشماري“ ڪيتري حد تائين شفاف ثابت ٿي؟ هتي آئون سڀ کان پهرين ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائيندس ته جڏهن 16 تي ڊسمبر سي سي آءِ طرفان اعلان ڪيو ويو ته 15 مارچ کان سڄي ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائي ويندي ۽ اهو پڻ اعلان ڪيو ويو ته ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ هڪ ڏينهن ڪئي ويندي ته مڙني سياسي جماعتن ان اعلان جي آجيان ڪئي. هئڻ ته ائين گهربو هو ته آدمشماري ۽ گهرشماري بابت سي سي آءِ جيڪو تفصيلي پلان منظور ڪيو هو، تنهن جو سمورو متن ميڊيا ذريعي پڌرو ڪيو وڃي ها، پر ائين ڪرڻ بدران فقط ان اعلان تي اڪتفا ڇو ڪئي وئي ته فلاڻي تاريخ تي سڄي ملڪ ۾ گهر شماري ۽ آدمشماري ڪئي ويندي، اڃان به وقت نه ويو آهي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ حڪومت، مرڪزي حڪومت کان مطالبو ڪري ته سي سي آءِ آدمشماري ڪرائڻ بابت جنهن اعلان جو مسودو منظور ڪيو آهي، سو سڄي جو سڄو ظاهر ڇو نه ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت ائين ڇونه ڪيو آهي، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ تمام ضروري سمجهان ٿو ته بلوچستان حڪومت واضح طور اعلان ڪيو ته جيڪڏهن بلوچستان ۾ افغانين جي نيڪالي بنا ڳڻپ ٿي ته بلوچستان جي حڪومت ان آدمشماري ۽ گهرشماري کي قبول نه ڪندي. هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته غيرقانوني غيرملڪين جي آفت جنهن ۾ افغاني به شامل آهن، اها سنڌ تي اڃان به وڌيڪ نازل ٿيل آهي. ٻيو ته ٺهيو پر خود سپريم ڪورٽ ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي 2010ع ۽ 2011ع ۾ رولنگ ڏني ته ڪراچيءَ ۾ 35 لک غيرقانوني غيرملڪي ڪراچي ۾ آباد آهن، جن وٽ نادرا طرفان جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ به آهن ته هنن مان اڪثر جا نالا ووٽر فهرستن ۾ به شامل آهن ته ڇا سنڌ حڪومت سنڌ جي قومپرست سياسي پارٽين توڙي سنڌ جي دانشورن جو به اهو فرض نه هو ته هو به اهڙو مطالبو ڪن ها. هن وقت غيرقانوني غيرملڪي جن ۾ اڪثريت افغانين جي آهي، ڪراچي کان حيدرآباد تائين سپرهاءِ وي تي اڪثر هوٽلن ۽ پيٽرول پمپن جا مالڪ آهن ۽ انهن هوٽلن ۽ پيٽرول پمپن تان ٻيو ڪهڙو غيرقانوني ڪاروبار ٿئي ٿو، تنهن کان به سڀ باخبر آهن، پر چوندا آهن ته ”ميري دنيا لٽ رهي ٿي اور مين خاموش ٿا“ اها صورتحال پهرين به هئي ۽ اڄ به آهي.

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اسان جي مڙني سنڌي اخبارن ۽ چئنلن تفصيل سان ڪراچي شهر ۽ باقي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ٿيندڙ گهرشماري جو تفصيل سان ڪوريج ڪيو آهي، جنهن جي لاءِ هنن کي آشيرواد ڏيڻ جي لاءِ لفظ ڪونه ٿا ملن، پر اهو ڏسي حيرت ٿي انهن مان ڪنهن به اخبار ۽ چئنل ان ڳالهه تي ڪور نه ڪيو ته ڪراچي به ڪيترن غيرقانوني غيرملڪين ۽ خاص طور افغانين کي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن هنن کي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويو ته هنن کي ڌار ڌار طور ڳڻيو ويو يا انهن کي به سنڌ جي باقي آبادي جي حصي طور آدمشماري ۽ گهر شماري ۾ شامل ڪيو ويو؟ مون جڏهن ڏٺو ته ڪوبه سنڌي چئنل ۽ ڪابه سنڌي اخبار ان سلسلي ۾ ڪابه معلومات ڪونه ٿي مُهيا ڪري ته حيرت ۾ پئجي ويس ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ”مصلحت“ تحت ڪيو پيو وڃي يا ڪنهن جي حڪم تي ائين ڪيو پيو وڃي. اهو سڀ محسوس ڪرڻ کانپوءِ مون فيصلو ڪيو ته آئون پاڻ ان سلسلي ۾ معلومات حاصل ڪريان. ان سلسلي ۾ سنڌ جي سينيسز ڪمشنر جو ٽيليفون معلوم ڪرڻ جي ڪوش ڪئي ته آئون پاڻ ٽيليفون ڪري سنڌ جي سينسز ڪمشنر کان اها معلومات حاصل ڪريان. آئون جيئن ته ان ڏينهن حيدرآباد ۾ هوس تنهن ڪري مون ڪراچي مان هڪ دوست کان سنڌ جي سينسز ڪمشنر جو ٽيليفون حاصل ڪيو. مون ٻه ڏينهن لڳاتار گهٽ ۾ گهٽ 12 دفعا انهيءَ نمبر تي ٽيليفون ڪيو، پر ڪنهن به اهو ٽيليفون اٽينڊ نه ڪيو سوال ٿو پيدا ٿي ته سنڌ جي سينسز ڪمشنر کي اهو ٽيليفون الاٽ ڇو ڪيو ويو آهي؟ جيڪڏهن هو انهيءَ ٽيليفون تي ايندڙ ڪوبه ڪال اٽينڊ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته اهڙي ٽيليفون جو ڪهڙو ڪارج بلڪه آئون ته چوندس ته اهڙي سينسز ڪمشنر جو به ڪهڙو ڪارج؟ ڇا سنڌ حڪومت انهن حقيقتن کان مڪمل طور لاعلم آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته ان تي جيترو افسوس ڪجي اوترو ٿورو آهي. بهرحال مون ڪنهن دوست ذريعي افغانين جي باري ۾ ڪراچيءَ جي ڪئمپن ۾ رهيل افغانين جي ڪمشنر سان رابطو ڪري معلومات ورتي اتان ٻڌايو ويو ته انهن ڪئمپن ۾ جيڪي به افغاني رهن ٿا تن جي پهرين ئي افغانين طور ڪارڊ ٺهرايل آهن. باقي ڪافي افغاني انهن ڪئمپن مان ڀڄي ويا آهن ۽ ڪراچي جي مخلتف علائقن ۾ رهن ٿا. انهن عملدارن ٻڌايو ته انهن جي سلسلي ۾ هو نه ٿا ٻڌائي سگهن ته آيا هنن خود کي سنڌ جي ٻين ماڻهن سان گڏ سنڌ جي آدمشماري ۾ پاڻ به ڳڻايو آهي يا نه ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته سنڌ حڪومت اهڙو ڪوبه ادارو قائم نه ڪيو آهي، جيڪو اهو ٻڌائي سگهي ته ڪيترا افغاني سنڌ ۾ آدمشماري جي ان ڳڻپ جو حصو بڻيا آهن.

12 مارچ تي ملير ۾ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي هڪ ريلي ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه مطالبو ڪيو ته ٻين صوبن مان آيلن کي ڌار ڳڻيو وڃي، اهو به انتهائي اهم اشو آهي ۽ تمام ضروري نوعيت جو آهي، اهو مطالبو ڪرڻ تي سيد جلال محمود شاهه جي جيتري تعريف ڪجي اوتري ٿوري آهي، پر ڇا بعد ۾ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري اهو مطالبو رسمي طور هنن تائين پهچايو ويو ۽ ڇا بعد ۾ ان جي تصديق ڪئي وئي ته ان مطالبي تي عمل ٿيو يا نه ؟ پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 13 مارچ تي هڪ بيان ۾ سنڌ حڪومت ٻين صوبن وارن کي ڌار ڳڻڻ جي مخالفت ڪندي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته اسين آدمشماري جا نتيجا قبول نه ڪنداسين، واهه سائين واهه سنڌ ڌارين جي حوالي ڪرڻ جو ان کان وڌيڪ ٻيو مثال ڪهڙو ملي سگهي ٿو، جڏهن سنڌ حڪومت اهو بيان ڏنو ته ان وقت سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ڪٿي هئا ؟ جيڪڏهن پ پ جي ميمبرن جا هٿ ٻڌل هئا ته ٻين سنڌي ميمبرن جا هٿ ته کليل هئا، پوءِ اهي ڇو خاموش هئا ڇا ائين سمجهجي ته نه فقط سنڌ حڪومت پر سنڌ اسيمبلي جا سڀ ميمبر پرائيوٽائيز ٿي ويا آهن ؟ ڪاش اڄ سيد عبدالله شاهه سنڌ جو وڏو وزير هجي ها!

سومر 20 مارچ جي عوامي آواز ۾ هڪ انتهائي اهم خبر شايع ٿي آهي، جنهن سڄي سنڌ کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ان خبر جي سرخي آهي ته ”ڪراچي ۾ آدم شماري جا ڪوڙا فارم ورهائڻ جو انڪشاف“ خبر ۾ چيو ويو آهي ته شماريات کاتي ڪوڙا فارم ورهائڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي، ڇا سنڌ حڪومت آگاهه ڪندي ته اهي عنصر ڪير هئا، جن اها حرڪت ڪئي ۽ شماريات کاتي ان حرڪت سان منسلڪ عناصرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي ۽ جيئن ته اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي ته خود سنڌ حڪومت انهن عنصرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي.؟

بهرحال ان مرحلي تي سنڌ جي وڏي زير سيد مراد علي شاهه جو هڪ اهو بيان جاري ٿيو، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ”جنهن نموني آدمشماري ٿي رهي آهي، ان کي آخر ۾ ڪو به قبول نه ڪندو” شاهه صاحب ان بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته “آدمشماري عمل ڳجهو ڇو؟ وفاقي ادارن سياست ڪئي ته سندن ٽپڙ گول ڪنداسين” اهو بيان ته سٺو آهي، پر ڏسجي ته ان بيان تي سنڌ حڪومت ڪيتري حد تائين عمل ٿي ڪري، انهيءَ دوران هڪ اهم انڪشاف ٿيو ته ڪراچي جي مخصوص علائقن ۾ گهرشماري جا انگ اکر ڪاغذ تي پينسل سان نوٽ ڪيا ويا، حالانڪ خود شماريات کاتي جون هدايتون هيون ته گهر شماري ۽ آدمشماري بابت سڀ انگ ڪاري مس واري بال پوائنٽ سان لکيا وڃن، پر مرد ۽ عورتون اينيو ميٽر علي الاعلان، انهن هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا، لڳاتار سنڌي ٽي وي چينل انهن جون شڪليون ۽ انهن سان صحافين ۽ عام ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه ٽي وي اسڪرين تي ڏيکاريندا رهيا، سوال اهو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ شماريات کاتو ٻڌائي ته اهڙيون ڀڃڪڙيون ڪندڙن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي، سنڌ جي حوالي سان انتهائي اهم انڪشاف ٿيو آهي ته 2010ع جي بارشن ۽ 2011ع جي ٻوڏن جا متاثر جن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اچي پناهه ورتي انهن کي گهر شماري ختم ٿيڻ تائين آدمشماري جو ڪو به عملو انهن جي جهڳين کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ نه پهتو هو، سنڌ حڪومت انهن پريشان حال سنڌين جي ڳڻپ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا؟ هي به اهم ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ننڍي ذات وارا هندو جن جا گهر هڪ هنڌ نه آهن، پر هو GYPSIES آهن ۽ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ روزگار لاءِ رلندا وتندا آهن، انهن کي آدمشماري ۾ رڪارڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ۽ شماريات کاتي ڪهڙا قدم کنيا آهن. انتهائي ضروري آهي ته سنڌ جو عوام اڃا به آدمشماري جي باقي مرحلن تي ڪڙي نظر رکي، جيڪڏهن سنڌ جي آدمشماري ۾ ڌانڌلي ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن جا ثبوت ملن ٿا ته سنڌ جو عوام انهيءَ آدمشماري ۽ گهر شماري کي قبول نه ڪندو ۽ ان سلسلي ۾ عوام کي جهڙي به جدوجهد ڪرڻي پئي ته ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن سنڌ جو عوام هينئر به ستو رهيو ته پوءِ سنڌ جي تاريخ جي حوالي ٿي ويندي.

قلم تازو: جڏهن آئون هيءُ ڪالم لکي رهيو هوس ته مونکي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري ان طريقيڪار کي چئلينج ڪيو آهي، جنهن تحت بيورو آف اسٽيٽسٽڪس آدمشماري ۽ گهرشماري ڪرائي رهي آهي. مون کي ان پٽيشن جي اڃان تفصيلن جي خبر نه آهي، پوءِ مون تائين جيڪا خبر پهتي آهي اها اميد افزا آهي. ان سلسلي ۾ آئون ايندڙ ڪالم ۾ تفصيل سان لکندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي ڪوئن ۽ سياسي نورن جي پختي ياري!!؟

حافظ سڪندر تنيو اسان ماڻھن جو به عجيب مزاج آهي.پنهنجا غلط ڪم ۽ ذميواريون قبولڻ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي