22 ڇنڇر , جولاءِ 2017

آخر دهشت گردي ڇو نٿي ختم ٿئي؟

مدد علي سنڌي

تازو افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ هڪ اسپتال تي ٿيل حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڄڻا مارجي ويا. هن حملي ۾ 50 کان به وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا، بي بي سي جي رپورٽ موجب شدت پسند تنظيم دولت اسلاميه هن حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. ڪابل انتظاميه موجب اربع جي ڏينهن صبح جو سردار دائود اسپتال جي مکيه در تي هڪ خود ڪش بم حملو ٿيو، ان حملي ۾ حملي آور اسپتال ۾ داخل ٿي ويا، رائيٽر خيبر ايجنسي جي رپورٽ موجب آٽو ميٽڪ هٿيارن سان هٿيار بند حملي آورن اسپتال جي ٽين ۽ چوٿين منزل تي وڃي پناهه ورتي هئي. اکين ڏٺل شاهدن موجب شدت پسند ڊاڪٽرن جي ويس ۾ آيا هئا، جن اسپتال ۾ داخل مريضن ۽ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. رائيٽر موجب حملي آورن  ڏاڍي بيرحميءَ سان فائرنگ ڪري ماڻهو ماريا.

هوڏانهن عراق جي شهرت ڪويت ۾ 9 مارچ تي هڪ ڳوٺ ۾ ٿيل هڪ شاديءَ ۾ تقريب دوران پڻ آپگهاتي حملي آورن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن ۾ اٽڪل 30 ماڻهو مري ويا. ان حملي جي ذميواري به مٿي  ڄاڻايل تنظيم قبول ڪري ڪري ورتي آهي، ياد رهي ته تڪريم ننڍڙو شهر آهي، جتي عراق جو اڳوڻو صدر صدام حسين پيدا ٿيو هو. هن شهر تي ڪجهه وقت اڳ شدت پسندن جو قبضو هو، جن کان ڪجهه وقت اڳ عراقي فوج قبضو خالي ڪرايو هو. چيو وڃي ٿو ته سال 2014ع ۾ مذهبي انتها پسندن عراق جي اترئين ۽ وچولي علائقي تي قبضو ڪيو هو.  جنهن کان پوءِ گهرو لڙائي هتي جاري آهي.

هوڏانهن جرمني جي هڪ شهر ڊسلڊوف جي ريلوي اسٽيشن تي هڪ شخص ڪهاڙيءَ سان حملو ڪري 7 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو. حملي آور جو تعلق يوگو سلاويا سان آهي، جيڪو ڪڏهن هڪ ملڪ هو، پر هن جا ڪيترا ڀاڱا ٿي ويا آهن. ياد رهي ته گذريل سال جرمني ۾ دهشت گردي جا ڪيترائي واقعا ٿيا هئا. گذريل سال جولاءِ ۾ هڪ 17 سالن جي افغان پناهگير ورزبرگ ۾ هڪ ٽرين ۾ ڪهاڙي ۽ چاقوءَ سان حملو ڪري 5 ڄڻن کي زخمي ڪيو هو. پوليس ان حملي  آور کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. پوليس کي حملي آور جي سامان مان داعش جو پرچم هٿ آيو هو. ساڳئي سال جي ساڳئي  مهيني جرمن جي شهر ۾ ميونخ جي هڪ شاپنگ سينٽر ۾ هڪ شخص، جنهن ايران مان اچي جرمنيءَ ۾ پناهه ورتي هئي، 9 شهرين کي گولين سان قتل ڪري آخر۾ پنهنجو پاڻ کي به گوليون هڻي ماري وڌو هو. ان حملي ۾ 20 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا هئا. ساڳئي وقت جولاءِ 2016ع ۾ ئي جرمنيءَ جي شهر بويريا ۾ هڪ محفل موسيقي ۾ هڪ شامي پناهگير بارودي ڌماڪو ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، ۽ حملي آور پاڻ بم ڌماڪي ۾ مري ويو هو. ان شخص جي جرمني ۾ پناهه وٺڻ واري درخواست کي جرمن سرڪار رد ڪري کيس عارضي پناهه ڏني هئي.

ياد رهي ته جرمن ۾ مسلسل ٿيندڙ دهشت گرديءَ جي واقعن جن ۾ گهڻو ڪري پناهگير شامل آهن، حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ته حڪومت شامي ۽ ٻين پناه لاءِ ايندڙ دربدر ماڻهن کي ڇو پناهه ڏني آهي. هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ شامي پناهگيرن جو تعداد وڌيڪ آهي. فقط ترڪيءَ  ۾ انهن جو تعداد 27 لک 39 هزار 326 آهي، اهي سڀ ڪيمپن ۾ رهن ٿا. ترڪيءَ ۾ انهن ڪيمپن جو تعداد 8 آهي، تنهن کانسواءِ اردن، عراق، ڪردستان، لبنان،  ۾ اٽڪل 20 لک شامي مهاجر رهن ٿا، ان کانسواءِ مقدونيا، يونان ۽ جرمني، ۾ پڻ مهاجر ڪيمپن جو تعداد  وڌيڪ آهي، هڪ  محتاط رپورٽ موجب جيڪا گڏيل قومن واري اداري جاري ڪئي آهي ته 11 ملين شامي مهاجرن واري زندگي گذاري رهيا آهن.

هن تفصيل ڏيڻ جا ٻه مقصد آهن، هڪ ته خبر پوي ته دهشت گردي ۽ گهرو لڙائي سبب ملڪ ۽ انهن جو عوام ڪيڏو نه درد ناڪ سفر ڪري ٿو،ٻيو ته خود پنهنجي ملڪ مان دربدر ٿي پناهه وٺڻ جا ڪيترا نفسياتي مسئلا پيدا ٿين ٿا.

جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته  ڪيئن جرمني ءَ ۾ هڪ ايراني ۽ هڪ شامي ڪيمپن ۾ دهشت گردي ڪري خود پنهنجي مهاجر ڀائرن ۽ جرمني حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا ،جنهن هزارين مهاجر شامين کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏني هئي. ترڪي ۾ شامي مهاجرن جو پاڻ ذڪر ڪيو ته هاڻ فقط اردن جا 6 لک 30 هزار،776 شامي ڪيمپن ۾ موجود آهن.۽ اهي ڪيمپ ۾ ڪا بهتر زندگي نه پيا گذارين .

هاڻ اوهين پاڻ به ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته گهرن ۽ پنهنجي ملڪ کان دربدر ٿي، ڪيپمن ۾ زندگي گهارڻ ڪيڏي نه ڏکي ڳالهه آهي. هڪ رپورٽ موجب اردن جو زٽاري رفيو جي ڪيمپ، دنيا جو وڏي ۾ وڏو رفيو جي ڪيمپ آهي، جنهن ۾ 80هزار شامي مهاجررهن ٿا.اهو رفيو جي ڪيمپ گڏيل قومي واري اداري  سال 2012ع ۾ اردن جي گادي واري شهر عمان کان پرڀرو قائم ڪيو هو. جتي رهندڙ 80 هزار ماڻهن مان جن ۾ عورتون، مرد، ٻار ٻڍا ۽ جوان شامل آهن، جي الڳ الڳ ڪهاڻي آهي. فقط 30 لک ماڻهوترڪي، اردن، ۽ لبنان ۾ موجود آهن.

وچ اوڀر جا ملڪ جيڪي دهشت گردي جي چئلينج کي منهن ڏين ٿا انهن مان عراق  ۽ شام جي حالت سڀني کي خبر آهي ويندي ڪويت کي به انتها پسندن جو خوف آهي، جتي ٻه چار ڏينهن آمريڪا جي صدر ڊونالڊٽرمپ فوري طور تي هڪ هزار آمريڪي فوجي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ته جيئن بوقت ضرورت عراق، شام،ڪويت ۾ داعش جي خلاف ٿيندڙ ڪارواين  ۾ حصو وٺندڙ آمريڪي فوج جي مدد ٿي سگهي. ياد رهي ته هن کان اڳ به آمريڪي فوجي ڪويت ۾ موجود آهن. دنيا ۾ 10 وڏي کان وڏا رفيوجي ڪيمپن ۾ رهندڙن مان اڪثريت مسلمان ملڪن جي آهي. انهن ڏهن رفيوجي ڪيمپن ۾ تامل ناڊو، ڀارت ٿائيگرس تنزانيا، نويڪيا يوگنڊا، ياديا ڏکڻ، سوڍان، مبيرا ماريطانيا، زٽاري اردن. جيسليا غزه فلسطين ڪيمپ ڊولاايٿوپيا، ڊاڊاسب ڪينيا، شامل آهن.

مقصد ته دهشت گردي ۽ گهرو لڙائي هڪ اهڙا ٻه عذاب آهن، جن سان دنيا جا غريب ملڪ دوچار آهن، انهن معاملن جي ڪري تباهي اچي رهي آهي، ماڻهو مري رهيا آهن، ماڻهو دربدريءَ  واري زندگي گذاري رهيا آهن، ته پوءِ سوال اهو به آهي ته ايڏي عذاب هوندي به دهشت گردي ڇو نه ٿي ختم ٿئي؟ اها دهشت گردي ۽ گهرو لڙائي ڪير ڪرائي رهيو آهي؟ انهن جو واضع مقصد ڇا آهي؟ ڇو غريب ۽ ٻين دنيا جا ملڪ هن عذاب ۾ مبتلا ڪيا ويا آهن.  افغانستان کان وٺي پاڪستان، ۽ عراق کان وٺي شام، لبيا، يمن ۽ ٻيا ملڪ يا انهن جي غريب عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جن سان هي عذاب برپا آهي. اهو عذاب ، اها ڪربلا، اهو ماتم ڪرائيندڙ ڪير آهن؟ ڪهڙا ملڪ سگهارا ٿي، انهن گروهن جي مالي مدد ڪري رهيا آهن. يا اهي مذهبي انتها پسند آخر هي ڪم ڇو پيا ڪن.

ڏاڍو اهم سوال آهي اڃا ڪالم لکيم پئي ته خبر پئي ته عراق جي شهر موصل ويجهو بدوسي جيل مان هڪ انتهائي اهم قبر ظاهر ٿي آهي، جنهن ۾ 500 ماڻهن جا باقيات يعني لاشن جا جزا مليا آهن. عراق جي فوج جو چوڻ آهي ته هٿ آيل باقيات انهن مارجي ويل شهرين جي آهي، جن کي سندن چوڻ موجب ته دولت اسلاميه قتل ڪيو هو، هي رپورٽ بي بي سي جي آهي جنهن موجب موصل شهر کي 2014ع ۾ موصل جي قبضي کان پوءِ 600 قيدين کي قتل ڪيو ويو هو، جن ۾ اڪثريت شيعن جي هئي، هن هفتي بدوش جيل کي دولت اسلاميه جي قبضي مان آزاد ڪرايو ويو هو، جنهن بعد  هن اجتماعي قبر جي کوٽائي ڪئي ويئي.

هي سموري صورتحال عالم انسانيت لاءِ لمحه فڪر جي آهي، ۽ پوءِ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته مسئلو آخر ڪار ڪڏهن ختم ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاريخ تي تاريخ جو هڪ نه کُٽڻ وارو سلسلو…!!!

مصطفيٰ  جمالي هن پاڪستاني پوري قوم جون نظرون پاناما ليڪس جي حوالي سان جيڪو فيصلو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي