22 ڇنڇر , جولاءِ 2017

الامان الامان، ڪيڏا هتڙي طالبان !

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

چوندا آهن ته ”نانءُ چڙهيو چور ڦاهي کائي ۽ نانءُ چڙهيو واپاري کٽيو کائي.“ طالبان، داعش ۽ ٻيون انساني قاتل ڌريون پنهنجي افعالن ۽ پرڪارن ذريعي پٽن پاراتن ۽ ملامتن کڻڻ ۾ شيطان کان به گوءِ کڻي ويون آهن، انهن جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گهٽ آهي. ڇو ته اهي توبهه نعوذ باالله پنهنجي ڌڻيءَ ۽ دين بابت انسانن ۽ خاص طور تي مسلمانن جي دلين ۾ ڪٽر وجهڻ جا سبب پئي بڻيا آهن. جنت حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ دنيا کي دوزخ بڻائڻ، بي گناهه انسانن کي مارڻ ۽ درگاهون خواهه عبادت گاهون ڊاهڻ هنن جو دين ايمان بڻجي ويو آهي. ڪي شيطان ڌريون آهن، جيڪي کين اسلحو ڏين ٿيون ۽ سندن عسڪري تربيت ڪن ٿيون.

طالبان ۽ داعش پنهنجي ”عملن“ ڪري انڌ جي گهوڙي تي سوار آهن، پر ڪڏهن اسان پنهنجي ”روين“ تي به نظر رکي آهي؟ ڇا ائين ته نه آهي جو ”جت پنهونءَ جا ڀائر“ مصداق اسان به طالبانن جا ننڍا يا وڏا ڀائر ته ڪو نه آهيون؟ طالبان ماڻهو مارن ٿا ۽ جيڪڏهن اسان ماڻهن جي جذبن، امنگن ۽ اميدن کي ماريون ٿا ته ٻنهي عملن ۾ ڪو فرق ٿيو يا نه؟

طالبان ۽ داعش  عبادت گاهون  ڊاهن ٿا ۽ اسان جيڪڏهن دليون ڊاهيون ٿا ته طالبان ۽ اسان ۾ فرق ٿيو يا هڪ جهڙا ٿياسين؟ طالبان جي هٿن ۾ بندوقون آهن ۽ اسان جي لفظ لفظ ۾ گوليون آهن، طالبان جا ”عمل“ خراب آهن ۽ اسان جا ”رويا“ سخت گير آهن. طالبان جائز طور تي تنقيد جو نشانو آهن، پر اسان پاڻ کي پاڪ ۽ تنقيد کان مٿاهون ڄاڻون ٿا. طالبان  جو غلط وهم گمان آهي ته اهي خدا جا ”خاص ۽ منتخب ٿيل“ بندا آهن ۽ اسان کي وري ”فرشتا“ ٿيڻ جو وهم ۽ خفت آهي، انهيءَ خفت ۾ اسان اهو وساري ويهي رهون ٿا ته فرشتن ته اسان جي ڏاڏي آدم کي سجدو ڪيو هو. ان ڪري آدم جي عظمت هر وجه کان فرشتن کان مٿي آهي. پوءِ اسان ”ابن آدم“ جي حيثيت کان هيٺ لهي ”فرشتا ثاني“ ڇو ٿا ٿيڻ چاهيون؟

انسان، نه ته فرشتو آهي ۽ نه وري شيطان آهي. انسان انسان آهي. هن ۾ ڳڻ به آهن ته اوڳڻ به آهن. هو ڪارناما به سرانجام ڏئي ٿو ته خطائون به ڪري سگهي ٿو. انسان اهو رنگين ۽ خوشبودار گل آهي، جنهن ۾ ڪنڊا به آهن. اسان کي پنهنجي سچائي پاڻ ئي قبول ڪرڻ گهرجي.

سنڌ جنهن سنگين صورتحال مان گذري رهي آهي، ان کي جيڪڏهن اسان هوش حواس سان محسوس نه ٿا ڪريون ته ڀوڳيون ضرور ٿا. ڪو قبولي نه قبولي، پر اسان علم مان عمل جا آنڊا غونڊا ڪڍي ڇڏيا آهن. پڙهيو ضرور آهي، پرر ڪڙهيو ڪونهي. علم حاصل ڪبو، پر ان تي عمل ڪرڻ تي ارواح ئي ڪو نه ٿيندو. اسان کي جيڪڏهن ڪا ڏات هوندي ته اها پنهنجي وجود ۽ ذات جي غلام هوندي. اسان ۾ جيڪڏهن ڏاهپ هوندي ته اها ٻئي کي بي وقوف بڻائڻ لاءِ هوندي. اسان کي جيڪڏهن اقتدار هوندو ته انڌي هاٿيءَ جيان پنهنجي لشڪر جو ئي نقصان ڪنداسين. اقتدار ۽ اثر رسوخ نه هوندو ته ڪنهن نه ڪنهن ڌاريئي يا پنهنجي اقتداري ڌر جون مٽيون ڀرينداسين ۽ موقعو ملندو ته ماروئڙن جي مان ۽ شان، حقن ۽ استحقاقن جو سودو ڪري ڇڏينداسين ۽ ماڻهن کي اها خبر به ڪا نه پوندي ته هنن جو ڪڏهن ۽ ڪيتري معاوضي ۾ وڪرو ٿي ويو.

جيڪڏهن اسان روين ۾ طالبان نه آهيون ته پوءِ ماڻهون ڪامورن کي ”عملدار رعيت-آزار“ ڇو ٿا چون؟ جيڪڏهن اسان طالبان نه آهيون ته تعليمي ادارن مان ”وڏي ڀاڄ“ ڪري ۽ غير حاضر رهي پنهنجي نئين نسل جي مستقبل کي قتلام ڇو ٿا ڪريون؟ جيڪڏهن اسان طالبان نه آهيون ته ”هاريا ويڄ مياس! ترس نه رکين تر جيترو“ واريون دانهون ماڻهن جي زبانن تي ڇو ٿيون اچن؟ جيڪڏهن اسان روين ۾ طالبان نه آهيون ته پوءِ رشتن، نسبتن، رغبتن ۽ محبتن جي لتاڙ ڇو ٿا ڪريون؟

هاڻي ته اڪثر حالتن ۾ اسان جهڙوڪ طالبان سان گڏ طالباني ذهنيت وارا زندهه لاش بڻجي ويا آهيون. وقت ۽ حالتن جو پاڻي جاڏي لوڙهي، اوڏانهن لڙهي وڃون ٿا. اسان جهڙوڪ ڪک پن ٿي ويا آهيون ۽ ڪا معمولي هوا اسان کي اڏائي الائي ڪٿان جو ڪٿي پهچائي ڇڏي ٿي ۽ اسان انهيءَ زمين، انهيءَ ضمير ۽ انهن قدرن ۽ نظرين کان گهڻو پري ٿي وڃون ٿا، جن سان اسان جو وجود قائم آهي، قوميت باقي آهي ۽ ماڻهپو برقرار آهي.

اسان لاشن جيان نه ڪنهن کي موٽ ڏيون ٿا ۽ نه وري ڪنهن جي ڏک سک جو احساس ٿئي ٿو، محبت سان نفرت ۽ نفرت سان محبت اسان جي دلين جو ايمان ٿي ويو آهي. اسان ۾ قياس جي ڪمي ڇو ٿي آهي؟ اسان رشتن ۽ رغبتن کي ڇو نه ٿا نڀايون؟ اسان سالن گذرڻ کانپوءِ به ڪنهن سڏ ڪوڪ جو جواب ڇو نه ٿا ڏيون؟ اسان هڪٻئي کان ايترو پري ۽ لاتعلق ڇو ٿي ويا آهيون؟ هي ڪهڙو دور آهي؟ هي ڪهڙا ماڻهو آهن؟ طالبانين جو هي ڪهڙو قسم آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاريخ تي تاريخ جو هڪ نه کُٽڻ وارو سلسلو…!!!

مصطفيٰ  جمالي هن پاڪستاني پوري قوم جون نظرون پاناما ليڪس جي حوالي سان جيڪو فيصلو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي