26 جمعو , مئي 2017

آدم شماري دوران ڪراچي ۾ سنڌين سان ويساهه گهاتي

ايڊووڪيٽ الله بخش لاشاري

پاڪستان جو پهريون گادي وارو شهر ۽ هاڻي صوبي سنڌ جي گادي جي حيثيت رکندڙ ڪراچي جي آبادي 1998ع جي آدم شماري (Census) دوران 16 لک ماڻهن تي  مشتمل هئي، پر روز بروز نوان اندارا لڳائي سياسي منڊلين ۾ ڪراچي کي اڍائي ڪروڙ کان ٽي ڪروڙ تائين ڳڻڻ وارو رٽو عام جام لڳايو ويو، ان کان بعد شهري آبادي کي ڳوٺاڻي آبادي کان وڌيڪ هجڻ جا ڍنڍورا پٽجڻ لڳا، ايتري قدر جو اڳتي هلي آدمشماري کان پوءِ ڪراچي مان وزير اعليٰ چونڊجڻ جون دعوائون ٿيڻ لڳيون. ساڃاهه وند اهڙي ڍنڍوري ۽ دعوائن تي فڪر مند نظر آيا. ڇو ته اهڙي پروپيگنڊا حقيقتن جي بلڪل اڀتڙ هئي. ان جو جائزو وٺڻ لاءِ ٽن مختلف رُخن سان جائزو وٺجي ته ڪراچي ۾ رهندڙ اردو آبادي ضلعي سينٽرل ۾ وڌيڪ آهي، پر ان جي باوجود اوائلي سنڌين جا ڳوٺ جهڙو ڪر مريد ڳوٺ، کنڊو ڳوٺ، چانڊيا ڳوٺ وغيره وغيره قائم ٿيل آهن.

ان کان علاوه ضلعو اوڀر سنڌي ڳوٺن سان ڀريو پيو آهي، جنهن ۾ يونيورسٽي روڊ تي ئي قائم وڏيون سنڌين جون وسنديون آهن، ٻين لفظن ۾ ضلعي اوڀر ۾ اردو ۽ سنڌي آبادي جو تناسب تقريبن برابر آهي، پر جي سنڌي وڌيڪ هجن ته به ٿي سگهي ٿو. ملير ضلعو پورو  سنڌي آبادي سان ڀريو پيو آهي، سهراب ڳوٺ کان لڪي سيمينٽ تائين 60 ڪلوميٽر تي مشتبل آباديون سڀ سنڌين جون آهن، ملير جون ديهون ٻٽي آمري، ديهه ٿومنگ، ديهه سونگل، ديهه الهه پائي، ديهه بند مراد، ديهه لوهارڪو لڳ، ديهه ڪونڪر، ديهه ٻايل تائين ڪو هڪ به غير سنڌي خاندان نه ٿو رهي، اُتي خالص سنڌي آباديون آهن.

وري جي ملير 15 کان ميمڻ ڳوٺ ڏانهن وڃجي ته وچ ۾ سڀ ڳوٺ سنڌين جا آهن، گلشنِ حديد کان لنڪ روڊ ذريعي سپر هاءِ وي ڏانهن وڃجي ته وچ ۾ سڀ آباديون سنڌين جون آهن. ضلعي ڏکڻ ۾ سنڌين جو تعداد ٻي هر قوم کان وڌيڪ آهي ان ۾ کوڙ سارا ڳوٺ اوائلي  سنڌين جا آهن. جيهڙوڪ  اپر گذري، لوئر گذري، چانڊيا وليج، جوڻيجو وليج، نيلم ڪالوني، ڀٽو وليج وغيره شامل آهن. پر پوش علائقن جو جيڪڏهن سروي ڪجي ته اڌو اڌ سنڌين جي آبادي ملندي.

ٻئي پاسي ڪراچي جو اولهه ضلعو حب يعنيٰ بلوچستان جي سرحد کان وٺي ڪياماڙي تائين، سنڌي ڳوٺن سان ڀريل آهي. سمنڊ جي اندر ڪيترائي ٻيٽ جهڙو ڪر قاسم جي ڀٽ، گابو پٽ، ڏنگي ڀنڊار، ابراهيم حيدري جا علائقا ويندي جو بدين جي سامونڊي حدن تائين سنڌي ئي سنڌي آباد آهن، هوڏانهن ٺٽي ويندي گهگهر ڦاٽڪ تائين قائم مختلف آبادين ۾ 40 سيڪڙو تائين اضافو رڪارڊڪيو ويو آهي، جيڪي اندروني سنڌ مان ماڻهو اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا. ڊفينس، ڪلفٽن اڳ ئي سنڌي سان ڀريو پيو آهي.

جيڪڏهن ڪراچي ۾ ٿيندڙ اليڪشن دوران ٺپا مافيا جو جائزو وٺجي ته سنڌي ماڻهن جي ووٽ جو استحصال به عام جام ٿيندو رهيو آهي. اڄ ڪلهه آدم شماري دوران به ساڳيون ڌريون سرگرم ٿي ويون آهن. ڪلهه هڪڙي خبر رپورٽ ٿي ته سنڌين جي وسندي شانتي نگر ۾ نقلي فارم نمبر 2 ورهايا ويا، ته ان تي توهان پنهنجي ڍيٽا لکي رکو ۽ بعد ۾ اوهان کان اهي فارم وصول ڪيا ويندا. شانتي نگر ۾ جيئن ته پڙيل لکيل سنڌين جو هڪ جهجهو مقدار  رهي ٿو، تنهن سازش کي  سمجهي، سازشي کي گرفتار ڪرائي ورتو. جيڪڏهن اهي سازشي ڏوهاري ڪامياب ٿي وڃن ها ته شايد شانتي نگر کي اردو آبادي طور ڳڻيو وڃي ها. پر پوءِ به هو خدشو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته اهڙا سنڌي جيڪي گاڏڙ آبادين ۾ رهن ٿا شايد انهن کي سنڌي نه لکيو وڃي.

آدم شماري شروع ٿيندي ئي پينسل سان فارم ڀرڻ جون شڪايتون عام جام ڪراچي ۾ نظر آيون، جنهن جي تدارڪ لاءِ وزير اعليٰ هائوس کي سوين شڪايتون پهتيون.

ان ساري صورت حال ۾ ڪراچي اندر آدم شماري هڪ وڏو سواليه نشان بڻجي وئي آهي ته ڪٿي سنڌين کي جيڪي ڪراچي ۾ اڪثريت ۾ آهن، اقليت ته نه بڻايو ويندو؟ ڇو ته سنڌي ماڻهن جو ڪراچي ۾ ڪو خاص ڀرجهلو سياستدان نظر نه ٿو اچي، نه ئي وري ماڻهن جي جاڳرتا لاءِ ڪي سنڌين جا گهڻ گهريا دانشور، شاعر، اديب، وڪيل، صحافي يا سول سنڌي سوسائٽي ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿي.

سنڌ حڪومت کي به پنهنجي جاءِ تي وفاقي ادارن کان شڪايتون رپورٽ ٿيون آهن. پر پوءِ به سنڌ حڪومت جيڪڏهن چاهي ته پنهنجو اهو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

سنڌ جي سامونڊي پٽي تي ڪراچي ۾ جيڪي ڳوٺ آهن اُتي رهندڙ مهاڻا جيڪي حقيقي ڌرتي ڌڻي آهن تن جا شناختي ڪارڊ ئي ٺهيل نه آهن، انهن لاءِ سنڌ حڪومت ڪردار ادا ڪري نادرا جون ٽيمون مهيا ڪرائي، جيئن مسئلو حل ٿي سگهي. هاڻي ته ڪراچي ۾ آدمشماري جو عمل شايد ڏينهن ٻن ۾ مڪمل ٿي وڃي پر پوءِ ڪو اهڙو ته پليٽ فارم هجي جنهن ذريعي رهجي ويل آبادي کي ڳڻائي سگهجي.  جيئن ته آدمشماري لاءِ ڪو جوڳو بندوبست حڪومتن ڪيو ئي نه هو ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم مطابق آدمشماري ڪرائي پئي وڃي ان لاءِ تدارڪ ڪرڻ لاءِ وڏي سنجيدگي جي ضرورت آهي. سياستدانن کي شڪرئي ادائي جي اشتهارن بدران عوامي جاڳرتا جا اشتهار ڇپرائن گهرجن. ۽ حڪومت سنڌ پنهنجي حدن ۾ رهندي مختلف ادارن تي نظر رکي سگهي ٿي.

آدم شماري صرف ماڻهن کي ڳڻڻ جو نالو نه آهي، پر اهو هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي قوم جي ڀلي لاءِ هر قسم جي منصوبا بندي جو ذريعو آهي. ماڻهو فقط ووٽ نه ٿو ڏئي پر قومي پيداوار ۽ وسيلن جي صحيح استعمال جو تعين ڪرڻ جي هڪ اڪائي به آهي. جنهن ذريعي هر قسم جي ڪار وهنوار جو حساب ڪتاب ٿئي ٿو. ۽ حڪومتون بجيٽ ٺاهي وسيلن جي ورچ جو حقيقي نظام تڏهن ئي قائم ڪري سگهن ٿيون جڏهن آباديءَ جو صحيح تعين ٿيل هوندو. ان سڄي بحث جو مقصد سنڌي قوم جي گهڻ گهرن سياستدانن، اديبن، يا سول سوسائٽي جي نمائندن کي اپيل ڪرڻ آهي ته هر فرد پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪري. آدمشماري دوران سنڌ ۾ جيڪو جتي آهي، اتي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. باقي واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي                          سنڌ اندر بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو روزگار سانگي در بدر ڀٽڪي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي