24 سومر , سيپٽمبر 2018

اقرار

Best-Friends-1846347آءُ ادڙا، ڪريون اقرار،

هاڻي پاڻ به پڙهنداسين.

 

بابو امان روز چون ٿا،

منٿ نه پنهنجي ڪا به مڃن ٿا،

ڪيسين ڪنداسين چئو انڪار،

هاڻي پاڻ به پڙهنداسين.

 

رلڻ بُري هڪ عادت آهي،

جنهن ۾ ڪو به ته فائدو ناهي،

ڪري ٿو هر ڪو ئي ڦٽڪار،

هاڻي پاڻ به پڙهنداسين.

 

گڏ گڏ سڀ مڪتب وينداسين،

ڪين ڪڏهن غافل ٿينداسين،

هرڪو سڏيندو ڏاهو ٻار،

هاڻي پاڻ به پڙهنداسين.

 

پڙهي لکي ٻئي ڊاڪٽر ٿيون،

يا پوءِ قابل ٽيچر ٿيون،

ڪو ته ڪريون پيشو اختيار،

هاڻي پاڻ به پڙهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

امان

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو! پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نه ٿيو.   نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے