22 ڇنڇر , جولاءِ 2017

آدمشماري ۽ گھر شماري کي تڪراري ڪرڻ جي ڪوشش

دلشاد ڀُٽو

اسان سنڌين ۽ بلوچن کي هميشه اعتراض رھيا آھن ته اسان وٽ سڃاڻپ ڪارڊ به نه آھن، ڪافي ماڻھو ڏورانھن علائقن ۾ رھن ٿا.ڳڻپ کان رھجي ويندا.ياٻنھي صوبن ۾ ٻين صوبن سميت ٻاھرين ملڪن جي آبادي رھي ٿي، تنھن ڪري سنڌي ۽ بلوچ اقليت ۾ ٿي ويندا.پر سوال ٿو پيدا ٿئي اقتدار ۾ ايندڙ يا اقتدار ۾ رھندڙ پارٽين ۽ حڪومتن کي ڪھڙا اعتراض آھن، جو ھو مقرر مُدي ۾ آدمشماري نٿيون ڪرائن؟ ھاڻ به سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب آدمشماري ٿي رھي آھي.جنھن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گوٿ ناٿ پيون ڪن. آدمشماري واري عمل کي روڪائڻ لاءِ پھرين ايم ڪيو ايم ۽ ھاڻ حڪمران پيپلز پارٽي عدالت ۾ وئي آھي.جنھن کي  سنڌين جي اقليت يا اڪثريت ۾ تبديل ٿيڻ سان ڪو سروڪار يا غرض نه آھي پر اصل کين آدمشماري دوران جيڪا ڊيٽا گڏ ٿي رھي آھي جيڪي تفصيل فوجي گڏ ڪري رھيا آھن.ان مان ملڪ جي سياستدان،بيوروڪريٽ ۽ جاگير دار کي خوف آھي.ھي ڪمپيوٽر ريڊايبل ڊيٽا آھي.

نام بي نام گھر،ملڪيتون،فليٽ گھڻا معاملا ھن ڊيٽا ۾ گڏ ٿي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ٿي نادرا ڏانھن ويندا، اسانجي حڪمران طبقي ته سوين ھزارين ايڪڙ زمينون،بنگلا ۽ بينڪ اڪائونٽ نوڪرن،مٽن عزيزن جي نالي تي خريد ڪري لڪائي رکيون آھن.ھي آدمشماري ۽ گھر شماري واري ڳڻپ رڳو ائين نه آھي جيئن نظر پئي اچي.جيڪڏھن ائين ھجي ھا ته پيپلزپارٽي پنھنجي پنجن سالن واري دور حڪومت ۾ ڪرائي ھا، يا نوازشريف خوشي خوشي سان ڪرائي ھا.سپريم ڪورٽ ۾  آدمشماري واري مسئلي تي ٽال مٽول ڪئي وئي ۽ چيو ويو فوج واندي نه آھي. اسان وٽ شروع ۾ ته عام ماڻھو سڃاڻپ ڪارڊ نه ھو يا وري ھڪڙي ماڻھو وٽ پنج شناختي ڪارڊ هئا.

ھاڻ اڀروسڀرو نادرا جو سسٽم آھي. ڏيھي ۽ پرڏيھين جي ڳڻپ ٿيندي، چوريون پڪڙبيون، زمينن جا کاتا، پراپرٽي جا تفصيل. ڪاروبار، ھٿيارن جا لائسنس، يا ٽئڪس نظام جي رجسٽريشن ۾ ايندا.ھن آدم شماري سان حڪومت جي نه چاھڻ باوجود نه رڳو سروي ٿيندي پر ان جا تمام گھڻا فائدا ٿيندا.حڪمران ان کان سخت خوف ۾ ورتل آھن.ھو سول اسٽاف واري ڊيٽا کي ته ھيٺ مٿي ڪري سگھن ٿا پر فوجين وٽ جيڪي الڳ فارم آھن ان جو ڇا ڪن؟ ان ڪري ھينئر کان ئي آدمشماري جا نتيجا تڪراري بنائڻ جي ڪوشش جاري آھي، ان ڪري ممڪن آھي باضابطي طور حڪومت آدمشماري جي نتيجن  جو اعلان نه ڪري پر غير سرڪاري طور نتيجا ظاھر ضرور ٿيندا، ساڳي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيندي.اڳتي هلي سپريم ڪورٽ حڪومت کي به پابند ڪندي ته ھو مقرر مدي اندر آدمشماري ۽ گھر شماري ڪرائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاريخ تي تاريخ جو هڪ نه کُٽڻ وارو سلسلو…!!!

مصطفيٰ  جمالي هن پاڪستاني پوري قوم جون نظرون پاناما ليڪس جي حوالي سان جيڪو فيصلو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي