24 سومر , اپريل 2017

سنڌ طاص معاهدي تي اڄ اسلام آباد ۾ ٿيڻ واريون ڳالهيون…!!

مصطفيٰ  جمالي

جڏهن اڄ اسلام آباد ۾ سنڌطاس معاهدي تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن،ٻنهي ملڪن جا پاڻي واري کاتي جا ڪمنشر پنهنجي وفد سميت اڄ اسلام آباد اندر سنڌ طاس معاهدي تي ويهي ڪري ڳالهيون ڪندا جيڪو هڪ بهترين عمل آهي.

جڏهن ته انکان پهرين ڀارت جي هٺ ڌرمي جي ڪري 2015ع ۾ اهو اجلاس نه ٿي سگهيو هو ۽ 2016ع ۾ اڙي واقعي کي وٺِي ڪري سنڌطاس معاهدي تي ٿيڻ وارين ڳالهين جي اجلاس کي ملتوي ڪيو ويو، انهي اجلاس جو جيڪو سبب ڄاڻايو ويو هو اهو سبب ڪو ٻيو نه پر ڀارت پاڪستان مٿان اڙي واقعي وارو الزام لڳايو هو،جيڪو هڪ بي بنياد الزام هو، ان وقت ڀارت جي وزيراعظم نريندر موڌي پاڪستان کي پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪندي سنڌطاس معاهدي جي پڻ ڀڃڪڙي ڪئي هئي، اهي ڀارت جو ڳالهيون ۽ ڀڀڪيون هنيون ۽ آخر عالمي ادارن ڀارت جي انهي رد عمل جو نوٽيس ورتو ۽ پوءِ ڀارت جون ڀڀڪيون بند ٿيون.

هن وقت به پاڪستان ۾ سنڌطاس معاهدي تي جيڪي ڳالهيون ٿيڻ وڃِي رهيون آهن اهي به عالمي ادران جي چوڻ تي ٿي رهيون آهن، مطلب ته عالمي ادارا هن وقت ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهيون ڪرائڻ ۾ خوش آهن، ۽ انهن ٿيڻ واري ڳالهين ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ عالمي بئينڪ جو پڻ آهي.پر اصل ۾ ڀارت اندر ٿيڻ واري رياستي اليڪشن جو به وڏي ۾ وڏو سبب آهي جنهن ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ٽن رياستن مان الڪيشن کٽڻ ۾ ڪامياب ويو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ۾ مظبوط رياست اترپرديش(يوپي) آهي جتان به نريندر مودي اليڪشن کٽي چڪو آهي،تنهن کانپوءِ ئي ڀارت پاڪستان سان سنڌطاس معاهدي ٿي ڳاليهيون ڪرڻ جو راضپو ظاهر ڪيو جنهن جي ڪري اڄ اسلام آباد ۾ ٻنهي ملڪن وچ  ۾ سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

پاڻي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي. جيوت جا پاڻيءَ ۾ پساهه آهن. پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ حياتيءَ کان محروم ڪرڻ جي برابر آهي ۽ زندگيءَ ۽ ماحوليات خلاف کليل جنگ جو اعلان آهي ۽ اهڙو اعلان  ڀارتي وزير اعظم نريندر موديءَ پڻ ڪيو، جنهن سان پوري ملڪ ۾ ڀارت جي وزيراعظم خلاف هڙتالون ڪيون ويون هنيون ۽ نريندر مودي جي پتلن کي پڻ باهيون ڏنيون ويون هنيون،ان وقت ڀارتي رياست پنجاب جي شهر ڀٽنڊه ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي نريندر موديءَ چيو هو ته، سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڀارتي هارين جو حق آهي، ان پاڻيءَ مان ڪشمير (والاريل)، اڀرندي پنجاب ۽ ڀارت جي ٻين علائقن جون زمينون آباد ڪيون وينديون. هن اهو به چيو هو ته لاڳاپيل اختيارين کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته، سنڌ  طاس معاهدي تحت وهندڙ دريائن جو جائزو ورتو وڃي ته ان پاڻيءَ جو ڪيئن گهڻي کان گهڻو استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪيئن ان پاڻيءَ کي پاڪستان ڏانهن وڃڻ کان روڪي سگهجي ٿو. پر اها به حقيقت آهي ته اها  ڪا اڄڪلهه جي ڳالهه ناهي.

ڀارت جي شروع کان وٺي پاڪستان جي پاڻيءَ تي بري نظر رهندي آئي آهي. گڏيل هندوستان جي ورهاست وقت جتي انگريزن ڪشمير جو معاملو اڻ نبريل ڇڏيو، اتي پاڻيءَ جي معاملي جو به نبيرو نه ڪيو، نه ئي ورهاست ٿي. جڏهن اهو تڪرار وڌي وڻ ٿيو ته، عالمي بينڪ (انٽرنيشنل بينڪ فار دي ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ) جي ٽياڪڙيءَ سان 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدو ٿيو، جنهن تي ڀارتي وزير اعظم جواهر لال نهرو ۽ پاڪستان جي صدر ايوب خان صحيحون ڪيون.

ان معاهدي تحت ستلج، بياس ۽ راوي هندستان حوالي ڪيا ويا ۽ سنڌو، جهلم ۽ چناب پاڪستان جي حصي ۾ آيا. معاهدي مطابق ڀارت انهن دريائن جو پاڻي مخصوص مقدار ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو. اهو معاهدو جيئن ته، ون يونٽ جي دور ۾ هڪ آمر جي حڪمرانيءَ دوران ٿيو، ان ڪري نه ان ۾ عوام جي مرضيءَ جو دخل هو ۽ نه ئي اهو آمر عوام ڏانهن جوابده هو. ان ڪري ان معاهدي ۾ ڪيتريون ئي ڪوتاهيون رهجي ويون، جن جو ڀارت ڀرپور نموني سان فائدو وٺي رهيو آهي.

مودي جيئن ته پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، پر عالمي قانون تحت ان لاءِ ائين ڪرڻ بنهه ڏکيو بڻجي ويو،جنهن کانپوءِ ڀارت ڏٺو ته پاڪستان سان سنڌطاس معاهدي تي جنگ نه ٿي وڙهي سگهجي،جڏهن ته ڀارت تي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان عالمي برادريءَ طرفان شديد تنقيد ٿي رهي آهي، ان ڪري ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪي ٻيو محاذ کولڻ واري پوزيشن ۾ نه هو، باقي جلسن ۾ وڦلڻ موديءَ جو پراڻو ۽ مرغوب مشغلو رهيو آهي ته هو پاڪستان خلاف ڪنهن نه موضوع تي ڳالهاِئيندو رهيو آهي.. پر ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته عالمي برادري موديءَ جي ان جنون جو نوٽيس نه وٺي.

ڀارت جي وزيراعظم کي ٻئي ملڪ جي خلاف ڳالهائڻ کان پهرين هزار بار سوچڻ گهرجي پر نريندر موڌي کي شايد اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي تنهن ڪري هوُ هيمشه پاڪستان خلاف ڳالهيندو رهيو آهي 3 دريا ستلج، بياس ۽ راوي جيئن ته ڀارت جي حوالي ڪيا ويا هئا، ان ڪري ڀارت انهن ۾ پاڻي ئي نٿو ڇڏي ته وري روڪيندو ڪٿان؟ پاڻي صرف ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. باقي جيڪي 3 دريا سنڌو، جهلم ۽ چناب آهن، انهن مان به ٻن دريائن تي پاڪستان ۾ ڊيم ٺهيل آهن. پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪري اهو فوري مسئلو نٿو بڻجي سگهي. البته چناب تي ڪو به ڊيم نه آهي. باقي جيتري قدر دريائن جي رخ موڙڻ جو تعلق آهي، ته اها ڪا اڪ جي ماکي نه آهي جيڪا ڀارت ڇاڻي سگهي.

جڏهن ته پاڪستان سان نه رڳو انڊيا پر افغانستان به ساڳيو رويو رکيو آهي جيڪو اڄ ڪالهه،هندوستان جي چئي ۾ گهڻو آهي، سو ان جي چرچ تي پاڪستان کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪابل دريا ۽ چترال دريا جو پاڻي روڪڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي سنڌ طاس معاهدي ۾ ڪيتريون ئي ڪوتاهيون آهن، جن کي دور ڪرڻ جي ضرورت آهي،جڏهن ته اڄ اسلام آباد اندر سنڌطاس معاهدي تي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهيون ٿي رهيون آهن جيڪي ٻنهي ملڪن لاءِ هڪ بهتر عمل آهي ڀارت پاران مقرر ڪيل واٽر ڪمشنر، پي ڪي سڪسينه ۽ پاڪستان پاران آصف بيگ کي مقرر ڪيو ويو آهي جن جي وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون ۽ انهن ڳالهين مان اها اميد ڪئي پئي وڃي ته انهن ڳالهين سان ٻنهي ملڪن لاءِ بهتر نتيجا نڪرندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ججن جي فيصلي ۾ اختلاف ڇو؟

شير محمد سولنگي                          ڪافي ڏينهن کان بند پيل پاناما ليڪس ڪيس بند پيل پانڊورا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي