24 جمعو , مارچ 2017

مارش ۽ هينڊز ڪومب ڀارت جون ڪاميابيءَ واريون اميدون لوڙهي ڇڏيون

India's captain Virat Kohli, right, shakes hands with Australia's Matthew Wade at the end of their third test cricket match that ended in a draw in Ranchi, India, Monday, March 20, 2017. (AP Photo/Aijaz Rahi)

رانچي (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ٽيم شان مارش ۽ پيٽر هينڊز ڪومب جي بهترين بيٽنگ عيوض ڀارت خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ ڊرا ڪري ڇڏي. رانچي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن ڪينگروز ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 23 رنسن کان رهيل اننگ جي شروعات ڪئي ته مهمانن کي 128 رنسن جو خسارو هو. آسٽريلوي ٽيم شروع کان ئي محتاط راند جو مظاهرو ڪيو پر 59 جي مجموعي اسڪور تي رينشا آئوٽ ٿي ويو، جنهن جي چئن رنسن کانپوءِ ڪپتان اسٽيون سمٿ پڻ پويلين موٽي ڇڏيو، ان موقعي تي ائين لڳي رهيو هو ته ڀارتي ٽيم ميچ کٽي ويندي پر ان موقعي تي بهترين ڀائيواري جي شروعات ٿي. شان مارش ۽ پيٽر هينڊز ڪومب وڪيٽ تي ڄمي ميچ ڊرا ڪرڻ جو ذمو کنيو ۽ ميزبان بالرن کي لاجواب ڪري ڇڏيو. ٻنهي بيٽسمينن 60 کان وڌيڪ اوور بيٽنگ ڪري ڀارت ٽيم جون ڪاميابيءَ واريون اميدون لوڙهي ڇڏيون. ڪينگروز ٻي اننگ ۾  6 وڪيٽن جي نقصان تي 204 رنسون ٺاهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Misbah

سرفراز احمد بهترين ڪپتان آهي: مصباح الحق

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ويسٽ انڊيز جي دوري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي