24 سومر , اپريل 2017

پاڪستاني هاڪي ٽيم جي نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ شاندار واپسي

pak vs nzويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني هاڪي ٽيم نيوزيلينڊ کي ٽين ميچ ۾ 2-4 تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي. پاڪستاني ٽيم سيريز ۾ 0-1 جي خساري سان ميدان تي لٿي ۽ گرين شرٽس ميچ جي شروعات ۾ ئي بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. پهرين هاف ۾ گرين شرٽس ڇهين منٽ ۾ ئي ڪپتان عبدالحسيم خان جي پيلنٽي ڪارنر تي ڪيل گول ذريعي سرسي ماڻي ورتي. ميچ ۾ ابو محمود شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي نه رڳو پنهنجي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي پر ڪيويز خلاف سيريز پڻ برابر ڪري ورتي. ميچ جي 35هين منٽ ۾ محمود پاڪستاني ٽيم لاءِ ٻيو گول ڪيو، جڏهن ته 45هين منٽ ۾ ميزبان ٽيم ڪوري بينيٽ جي گول عيوض خسارو گهٽايو پر ڪيوي ٽيم مقرر وقت دوران رڳو ٻه گول ڪري سگهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

najam sethi

شاهد آفريدي سان فيئر ويل بابت معاملا طئي ڪيا آهن: نجم سيٺي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي