22 ڇنڇر , جولاءِ 2017

حڪومت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي پهريون فيري سروس لائنسنس جاري ڪري ڇڏيو

Ferryڪراچي (ويب ڊيسڪ): حڪومت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي پهريون فيري سروس لائسنس جاري ڪري ڇڏيو آهي، فيري سروس ذريعي دبئي ويندڙ مسافرنکي ڪرائي ۾ 40 سيڪڙو بچت ٿيندي، پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير سينيٽر مير حاشل خان بزنجو هي پهريون فيري لائسنس پي اين ايس جي چيئرمين عارف الاهي حوالي ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پورٽس اينڊ شپنگ رفي چندانه به موجود هيو، لائنسنس ملڻ تي پي اين ايس هاڻي مسافرن کي ملڪ اندر ۽ پرڏيهي ملڪ سفري سهولتون فراهم ڪري سگهندي، فيري سروس مارينا ڪلب کان هلائي ويندي، جيڪا ڊي ايڇ اي کان پورٽ قاسم تائين روزانو بنيادن تي مسافرن کي سهولتون فراهم ڪندي، جڏهن ته ان سان ٽريفڪ جام ختم ڪرڻ ۾ به مدد ملندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان جيڪو پوکيو آهي اهو لڻڻو پوندس: طلال چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان ۽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي