24 جمعو , مارچ 2017

2 سال جي توسيع ۽ فوجي عدالتن جو ٻيهر مسلط هئڻ حڪومتي ڪوتاهي آهي: شاهه محمود قريشي

Shah mehmood qureshiاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته جمهوريت ۾ فوجي عدالتن جو قيام ٺهي نٿو، هن چيو ته حالتون ڏسندي 2 سال اڳ مشروط سهڪار ڪيو هو، 2 سال جي توسيع ۽ فوجي عدالتن جو ٻيهر مسلط هئڻ حڪومتي ڪوتاهي آهي، هن چيو ته حڪومت اهي سڌارا نه آندا، جيڪي آڻڻ گهربا هئا، ڊار صاحب اعتراف ڪيو جيڪي ڪم ڪرڻا هيا، نه ٿي سگهيا، شاهه محمود قريشي چيو ته پارلياماني نگراني ڪميٽي جي قيام تي اتفاق راءِ ڪيو ويو، ڇا فوجي عدالتون امرت ڌارا آهن جو سڀ مسئلا حل ٿي ويندا، اسان کي ٻڌايو ويو ته دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪندڙ ملڪن کان خطرا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rana Sanaullah

سپريم ڪورٽ جو احترام ڪندا آهيون، قوم کي انصاف ملندو: راڻا ثناءُ الله

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي