24 جمعو , مارچ 2017

اسان جا سمورا مطالبا مڃيا وڃن ها ته قانون وڌيڪ موثر ٿي وڃي ها: نويد قمر

Naveed qamar

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ نويد قمر قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته ٻن سالن ۾ ڪو به عدالتي سڌارو نه آندو ويو، تحفظ پاڪستان آرڊيننس آيو، اهو به ختم ٿي ويو، دهشتگردي ٽوڙ قانون به ختم ٿي ويو، نويد قمر چيو ته اسان جا سمورا مطالبا مڃيا وڃن ها ته قانون وڌيڪ موثر ٿي وڃي ها، قومي سلامتي ڪميٽي جي قيام جو ڪم اڄ تائين ٿي وڃڻ گهرجي ها، هن چيو ته فوجي عدالتن جو حشر به انهن ئي قانونن جهڙو ڪرڻو آهي ڇا؟ ڪميٽي جي قيام جو معاملو ايجنڊي ۾ شامل نه هئڻ تي حيراني ٿي، پيپلز پارٽي جون چار ترميمون حصو بڻايون ويون آهن، حراست ۾ شخص کي 24 ڪلاڪن ۾ فوجي عدالت ۾ پيش ڪرڻو پوندو، حراست ۾ ورتل ماڻهن کي الزامن جو ٻڌايو ويندو، گرفتار شخص کي مرضي جو وڪيل ڪرڻ جي اجازت هوندي، اپيل جو حق به هجڻ گهرجي، اميد ته اهو به کسيو نه ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rana Sanaullah

سپريم ڪورٽ جو احترام ڪندا آهيون، قوم کي انصاف ملندو: راڻا ثناءُ الله

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي