23 جمعہ , فروری 2018

اي ٽي ايم مشينن مان ڊيٽا چوري ڪندڙ 2 چيني سوگها

Chineseڪراچي (ويب ڊيسڪ): ايف آءِ اي بينڪن جي اي ٽي ايم مشينن تي جديد ترين ڊيوائز جي مدد سان ڊيٽا چوري ڪري پاڪستاني شهرين کان ڪروڙين رپيا ڦٻائڻ جي الزام ۾ 2 چيني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان کان پهرين به ايف آءِ اي پاران ڪيترن ئي چيني شهرين کي ان الزام هيٺ گرفتار ڪري چڪو آهي، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل جي هڪ ٽيم بينڪ الحبيب جي شڪايت تي هفتي وار موڪل ۽ ڪم جي وقت کان پوءِ شهر جي مختلف اي ٽي ايم مشينن تي ڊيوائسز لڳائي کاتي دارن جو ڊيٽا چوري ڪرڻ وارن 2 چيني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، نجي بينڪ جي ذريعن موجب گرفتار ٿيلن ۾ گروه جو سربراهه به شامل آهي، جنهن جو نالو زونگ زيامنگ ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته گروهه جي هڪ ميمبر زونگ زيان ڪان کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نااهلي ڪافي ناهي، ڦريل پيسا واپس آڻڻ ادارن جو وڏو امتحان آهي: ڊاڪٽر طاهر القادري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته حڪمران پارٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے