24 سومر , اپريل 2017

ڪراچي جي بجلي صارفين لاءِ خوشخبري، ٽيرف شرح ۾ 3 رپيا لاٿ

6اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ ٽيرف جي شرح ۾ ساڍا 3 رپيا گهٽتائي بعد 12.7 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي، نئين ٽيرف وفاقي حڪومت جي منظوريءَ بعد لاڳو ٿيندو. نيپرا مطابق نئين ٽيرف سان ڪي اليڪٽرڪ صارفين کي 48 ارب رپيا سالانو رليف ملندو، نئون ٽيرف 7 سالن (2016 کان 2023) تائين مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت 15 ڏينهن اندر اندر نئين ٽيرف تي عملدرآمد ڪرڻ جي پابند هوندي. ڪي اليڪٽرڪ 69 ارب 40 ڪروڙ رپيا جاري منصوبن تي جڏهن ته 237 ارب 60 ڪروڙ رپيا بجلي پيداوار تي خرچ ڪرڻ جو پابند هوندو. نيپرا جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ ٽيرف جي نئين شرح 16 رپيا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جڏهن ته 2009ع ۾ اهو ٽيرف 57-15 رپيا هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran

ٻه جج نواز شريف کي ڪرپٽ ۽ ڪوڙو قرار ڏئي چڪا آهن: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ٻن ججن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي