21 جمعو , سيپٽمبر 2018

بهار

download (2)آئي آهه بهار،

چوڌاري مهڪار،

مهڪي منهنجي ڳوٺ ۾.

 

ڌرتيءَ پهريو ويس اڄ،

ساوڪ جو آ يار،

چوڌاري مهڪار،

مهڪي منهنجي ڳوٺ ۾.

 

ٽليو ٽارين تي پکي،

ٻوليون ڪن هزار،

چوڌاري مهڪار،

مهڪي منهنجي ڳوٺ ۾.

 

جهونگارين جهر جهنگ ۾،

ڌرتيءَ گيت ڌنار،

چوڌاري مهڪار،

مهڪي منهنجي ڳوٺ ۾.

 

چنبيليءَ جي چوطرف،

هر ڏس آ هٻڪار،

چوڌاري مهڪار،

مهڪي منهنجي ڳوٺ ۾.

 

کليو هڪ ٻئي کي ڏين،

گل پيا ٿا ٻار،

چوڌاري مهڪار،

مهڪي منهنجي ڳوٺ ۾.

هي به ڏسي سگهو ٿا

امان

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو! پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نه ٿيو.   نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے