25 بدھ , اپریل 2018

ماهرا خان جي رنبير ڪپور کان معافي وٺڻ واري ويڊيو وائرل

mahira khanڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور بابت چيو ويندو آهي ته اهي سٺا دوست آهن پر گذريل ڏينهن ماهرا خان جي رنبير ڪپور کان معافي وٺڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستاني اداڪارا ڀارتي اداڪار کان معافي وٺندي نظر اچي رهي آهي، اها ويڊيو ڪنهن اڻڄاتل شخص ٺاهي آهي، جنهن کانپوءِ اُن ويڊيو کي ٽوئيٽر تي پڻ شيئر ڪيو ويو آهي. ويڊيو ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو ته ماهرا خان ڪنهن ڳالهه سبب رنبير ڪپور کان هٿ ٻڌي معافي وٺي رهي آهي، جنهن دوران ڪنهن ماڻهو لڪي اُها ويڊيو ٺاهي آهي، جڏهن ته اِن ڳالهه جي تصديق اڃا ناهي ٿي سگهي ته ٻنهي وچ ۾ ان دوران ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون هيون. هوڏانهن رنبير ڪپور جو چوڻ آهي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انور مقصود تڪراري ويڊيو جاري ڪرڻ تي  سنڌي قوم کان معافي گهري ورتي

ڪراچي(شوبز نيوز)  مشهور فنڪار انور مقصود هڪ سنڌي جو انٽرويو نالي سان تڪراري ويڊيو ٺاهڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے