24 جمعو , مارچ 2017

گڙدن جي مرض جون 9 نشانيون

04

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گڙدا اسان جي جسم ۾ گمنام هيري جيان ٿيندا آهن جيڪي ڪچري ۽ اضافي مواد کي خارج ڪندا آهن جڏهن ته هي لوڻ، پوٽاشيم ۽ ايسڊ ليول کي به ڪنٽرول ڪندا آهن، جنهن سان بلڊ پريشر معمول تي رهندو آهي، جسم ۾ وٽامن ڊي جو مقدار وڌندو آهي ۽ رت جا ڳاڙها جزا به متوازن سطح تي رهندا آهن، پر گردن جو مرض ڪافي تڪليف ڏيندڙ ۽ جان ليوا به ثابت ٿي سگهي ٿي. گڙدن کي ٿيندڙ نقصان جون نشانيون ڪافي واضح هونديون آهن پر ماڻهو جڏهن ان تي ڌيان ڏيندا آهن ان وقت تائين تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو هوندو آهي. ڪيترائي ڀيرا گردا لڳ ڀڳ ختم ٿيڻ وارا هوندا آهن ته به علامتون سامهون ناهن اينديون ته ان کان بچڻ لاءِ بلڊ شگر ۽ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ سڀ کان بهترين حفاظتي عمل آهن، پر گڙدن جي مرض جي خاموش نشانين کي سڃاڻي وٺڻ به زندگي بچائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن جي سامهون ايندي ئي ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ گهرجي. گڙدن جي مرض جون 9 نشانيون هي آهن:

1: غير معمولي خارڪ

2: منهن جو ذائقو بدلجڻ

3: دل خراب ٿيڻ

4: گهٽ يا وڌيڪ پيشان جو اچڻ

5: پيشاب ۾ تبديلي

6: مينهن، ٽنگن، پيرن يا گوڏن جو سجڻ

7: تمام گهڻي ٿڪاوٽ

8: بلڊ پريشر ۾ واڌ

9: دل جي ڌڙڪڻ ۾ خرابي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Coconat Oil

ناريل جو تيل وارن جي لاءِ ڪيترو ضروري آهي…..

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سيءُ هجي يا گرمي هر موسم ۾ ناريل جو تيل وارن لاءِ استعمال ڪيو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي