26 جمعو , مئي 2017

نيوزيلينڊ آمريڪي سفارتڪار کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو

03ويلنگٽن(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ آمريڪي سفارتڪار کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو، سفارتڪار کي پوليس طرفان جاچ جي اجازت نه ڏيڻ بعد بي دخل ڪيو ويو. نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته آمريڪا سفارتي ڇوٽ جو سهارو وٺندي پنهنجي سفارتڪار کي جاچ لاءِ پوليس حوالي نه ڪيو، جنهن سبب نيوزيلينڊ جي عملدارن سفارت خاني جي هدايت جاري ڪئي هئي ته سفارتڪار کي قانون جو احترام نه ڪرڻ سبب آمريڪا واپس موڪليو وڃي. آمريڪي سفارتڪار مبينا طور تي 12 مارچ تي پيش اچڻ واري هڪ واقعي ۾ ملوث هو ۽ پوليس ان سلسلي ۾ جاچ ڪرڻ پئي چاهي پر آمريڪا ڇوٽ ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻئي پاسي پوليس طرفان الزامن جي تفصيل فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

aizaz

پاڪستان ڪاميابي سان گڏ دهشتگردي کي به ختم ڪيو: اعزاز چوڌري

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ڪاميابي سان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي