خيرپور(ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي خيرپور ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان سمون چيو آهي ته جوابدار دهشتگردن کي ٽريننگ ڏيندو هو. ايس ايس پي سي ٽي ڊي موجب جوابدار شعيب بروهي جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم لشڪرجهنگوي سان آهي. جوابدار شعيب بروهي 2010ع ۾ نيٽو آئل ٽينڪر تي حملي به ملوث آهي. گرفتار دهشتگرد شعيب جا جيڪي آباد ۽ شڪارپور سانحن ۾ ملوث حفيظ بروهي ۽ مقصود بروهي سان به واسطا هئا. جوابدار شعيب بروهي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي، دهشتگردن کي ٽريننگ به ڏيندو هو.
هي به ڏسي سگهو ٿا
ڪراچي : هٿياربندن جي فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد، ايس ايڇ او زخمي
ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ آئيڊيل بيڪري وٽ جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ …