25 سومر , سيپٽمبر 2017

دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ۾ چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس جي ٻڌڻي پهرين اپريل تائين ملتوي

MQM In Sindh High Courtڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻن جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي رينجرز واري وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي پهرين اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اي ٽي سي م ٻڌڻي دوران جوابدار محفوظ يار خان، پروفيسر حسن ظفر ۽ امجدالله کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدارن خلاف عزيز آباد ٿاڻي تي 5 جولاءِ 2016 تي ايم ڪيو ايم قائد جي چڙ ڏياريندڙ تقري ۾ سهولتڪاري جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. عدالت رينجرز جو وڪيل پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي پهرين اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پيڪيج ڏئي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي: فاروق ستار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي