23 جمعرات , نومبر 2017

پاڪ ڀارت آبي ڳالهيون ۾ 3 تڪراري ڊيمن تي ڳالهيون ٿينديون: خواجا آصف

khawaja asifاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪمشنر وچ ۾ ڳالهيون ۾ 3 تڪراري ڊيمن جي تعمير ۽ ٻوڏ واري پاڻي جي ڊيٽا فراهم ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿينديون. اسلام آباد پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهيون 2015ع کان دير جون شڪار هيون، حڪومتي ڪوشش سان سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهين جو ٻيهر آغاز ٿيو آهي، اسان عالمي ثالثي عدالت ۽ آمريڪا جي مدد سان رهيل ڳالهين کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪمشنرن وارين ڳالهين ۾ ڀارت ۾ تعمير ٿيندڙ 3 تڪراري ڊيمن پڪل دل، لوئر لڪنائي ۽ مايار جي ڊيزائنن تي ڳالهيون ٿينديون. ان کان سواءِ ڳالهين ۾ ٻوڏ جي پاڻي جي پيشگي جي اطلاع ۽ ان حواليس ان ڊيٽا فراهم ڪرڻ بابت معاملا به بحث هيٺ غور ايندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميجر اسحاق شهيدن جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو، قوم عظيم پٽ کي ياد رکندي: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ميجر اسحاق شهيدن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے