11 پیر , دسمبر 2017

ناريل جو تيل وارن جي لاءِ ڪيترو ضروري آهي…..

Coconat Oilڪراچي(ويب ڊيسڪ)سيءُ هجي يا گرمي هر موسم ۾ ناريل جو تيل وارن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر جيڪڏهن صحيح طريقي سان ان جو استعمال ڪيو وڃي ته خشڪي جو يقيني خاتمو ممڪن آهي. وار ڪرڻ ۽ خشڪي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ناريل جو تيل استعمال ڪرڻ جو صحيح طريقوڏنو هيٺ وڃي ٿو:

وار ڪِرڻ جو علاج: ناريل جو تيل هلڪو گرم ڪريو ۽ پنهنجي وارن کي هلڪي گرم پاڻي سان پسايو پر پاڻي وارن ۾ ڇڻي نه. 3 منٽ تائين وارن جي پاڙن ۾ ناريل جي  تيل سان مالش ڪريو ۽ پوءِ پنهنجي مٿي کي ڪنهن ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيو پوءِ وارن کي 30 منٽن تائين ڇڏي ڏيو ان کان پوءِ وارن کي ڪنهن سٺي شيمپو سان ڌووئو جنهن ۾ سلفيٽ ۽ ڪنڊيشنز نه هجي ان عمل سان توهان جا وار ڪرڻ به بند ٿيندا آهي ۽ خشڪي به ختم ٿي ويندي.

خراب وارن کي صحت مند ڪرڻ لاءِ ناريل جو تيل: وارن کي صحت مند رکڻ ۽ وڏو ڪرڻ لاءِ هڪ چمچو چانهه جو ناريل جو تيل هڪ پيالي پاڻي ۾ ملايو ۽ پوءِ ان کي هلڪي باهه تي ايترو گرم ڪريو ته پاڻي ۽ ناريل جو تيل ملي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻ 18 ورهين جي ڄمار کان پوءِ به قد وڌائي سگهجي ٿو!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) توهان اهو ٻڌو هوندو ته عام طور 18 ورهين کان پوءِ انسان جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے