22 ڇنڇر , جولاءِ 2017

شرجيل ميمڻ جي 15 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور

Sharjel Memonاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي حفاظتي ضمانت 20 لک رپين جي مچلڪن جي عيوض منظور ڪندي کيس ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  شريل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ان جي لاءِ ٻاهر ويهڻ آسان هو پر هو ڪيسن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ واپس پاڪستان آيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ جي 15 ڏينهن جي لاءِ حفاظتي ضمانت جي درخواست  منظور ڪندي ان کي 20 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ ۽ ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ضمانت ملڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان ڪيس ۾ نامزد 15 کان 16 ماڻهو به گرفتاري کان اڳ واري ضمانت تي پرڏيهه آهن ان ڪري عدالت طرفان ڪنهن به  قسم جي رعايت واريون ڳالهيون بي بنياد آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان جيڪو پوکيو آهي اهو لڻڻو پوندس: طلال چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان ۽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي