26 جمعو , مئي 2017

سنڌ ۾ شراب جي واپار تي پابندي جو فيصلو عبوري طور معطل

Sharabاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ شراب جي وڪري تي پابندي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو عبوري طور معطل ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ شراب جي پابندي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران شراب جي قانوني واپارين طرفان موقف اختيار ڪيو وي ته فيصلو صادر ڪرڻ کان اڳ هاءِ ڪورٽ اسان جو موقف ئي نه ٻڌو. جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته شراب جي ريگوليشن هاءِ ڪورٽ جو ڪم ناهي جيڪڏهن ڪو قانون تي عمل نٿو ڪري ته پوليس جو ڪم آهي ته اها ڪارروائي ڪري. سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ شراب جي وڪري تي پابندي جو فيصلو عبوري طور معطل ڪندي ٻڌڻي 3 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. درخواست جي ايندڙ ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Election Commition Of Pakistan

اليڪشن ڪميشن جو عام چونڊن جي لاءِ عملي جي تربيت پنهنجي آفيسرن کان ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ عملي جي تربيت پنهنجي آفيسرن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي