22 ڇنڇر , جولاءِ 2017

آدمشماري عمل ڳجهو ڇو؟ وفاقي ادارن سياست ڪئي ته سندن ٽپڙ گول ڪنداسين: وڏو وزير

Untitled-7 copyخيرپور/نوري آباد/ڀان سيد آباد (نمائندن وٽان)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شرجيل انعام ميمڻ عدالت جي حڪم موجب ڏيهه واپس آيو آهي جڏهن ته فاروق ستار ۽ شرجيل ميمڻ واري ڪيس ۾ تمام گهڻو فرق آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن نوري آباد ۾ تعمير ٿيندڙ پاور پلانٽ جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي سان رڳو پيپلزپارٽي کي تخته مشق بڻايو پيو وڃي ۽ ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه ڪيسن کي منهن ڏئي اعليٰ عدليه جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي ۽ پيپلزپارٽي وارا فرار ٿيڻ وارن مان نه آهن. وفاقي ادارن کي جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته سنڌ مان سندن تپڙ گول ڪري ڇڏينداسين. هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته هن متحده جي دوستن کي ڪيترائي ڀيرا اها صلاح ڏني آهي ته اهي فاروق ستار کي چون ته هو گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ڇڏي ۽ اميد آهي ته فاروق ستار پڻ جلد ضمانت ڪرائي وٺندو. هڪ سوال تي هن چيو ته خدشن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ آدمشماري جا انگ اکر جاري ڪيا ويا ته آدم شماري وارو عمل تڪراري ٿي ويندو جنهن کي نه صرف سنڌ حڪومت پر صوبي جو عوام پڻ رد ڪري ڇڏيندو. وڏي وزير فخريه انداز ۾ چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن پ پ پ جي حڪومت ۾ پنهنجا وسيلا استعمال ڪندي نه فقط پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ کي هٿي ڏني آهي بلڪه پنهنجن وسيلن مان سنڌ جو پهريون پاور پلانٽ اپريل جي پهرين هفتي ۾ بجلي جي پيداوا شروع ڪري ڇڏيندو جنهن جو سڌو سئون فائدو ڪراچي جي عوام کي ٿيندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وڌيڪ پاور پلانٽ نصب ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سموريون گهربل شرط پوريون ڪري چڪي آهي ۽ ان مد ۾ ڪروڙين رپين جون ادائيگيون پڻ ڪري چڪي آهي تنهن هوندي به اسانجي باربار يقين ڏيارڻ جي باوجود به اسانکي گهربل اجازت نه پئي ڏني وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ان قسم جا منفي حربا استعمال نه ڪيا وڃن ها ته هن مهل تائين نوري آباد ۽ ڪوٽڙي سائيٽ لاءِ بجلي جا نوان پاور پلانٽ لڳائڻ کانپوءِ بجلي جي مسلسل فراهمي گهٽ قيمت تي ٿي رهي هجي ها. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماريءَ بابت شڪايتن ۽ اعتراضن جي ازالي لاءِ وفاقي حڪومت کي ڪو مڪينزم جوڙڻ گهرجي، جنهن طريقي سان آدمشماري ٿي رهي آهي تنهن کي آخر ۾ ڪا به ڌر قبول ڪونه ڪندي، هر بلاڪ جي ڪُل آبادي، مردن ۽ عورتن جي تعداد بابت معلومات حڪومت ڇا پر هر عام ماڻهوءَ لاءِ ويب سائيٽ تي رکڻ گهرجي ته جيئن آدمشماريءَ وارو عمل صاف ۽ شفاف يقيني بڻجي سگهي، خبر ناهي ڇو آدمشماري واري عمل کي تمام ڳجهو ۽ لڪ ڇپ ۾ رکيو ويو آهي، اسين سنڌ جي اعتراضن بابت آدمشماري بابت انچارج وزير ۽ وفاقي وزير اسحاق ڊار کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار جيلاني هائوس خيرپور ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته هر ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ سينسز آفيسرن کي هدايت ڪئي وڃي ته اُهي هر بلاڪ جي سمري انفارميشن ٺاهي اعتراضن ۽ شڪايتن لاءِ پڌري ڪن ۽ اُنهن انگن اکرن بابت ڪو ماڻهو شڪايت يا اعتراض ڪري ته اهي ٻڌڻ لاءِ ڪو هجي ۽ انهن جو ازالو ڪيو وڃي ان سان صاف شفاف آدمشماري ٿي سگهندي ۽ ماڻهن جو ان تي اعتماد ٿي سگهندو، جيڪڏهن ماڻهن کي آدمشماري واري عمل تي بي اعتمادي هوندي ته پوءِ ان کي ڪير به قبول نه ڪندو. هن چيو ته جنهن طريقي سان هينئر آدمشماري ٿي رهي آهي، ان کي آخر ۾ ڪابه ڌر يا اسٽيڪ هولڊر قبول نه ڪندي سڀ ڪو چوندو ته اهو غلط ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن جي جاگير ناهي پر عوام جي پارٽي آهي ۽ ان ۾ خدمت ڪرڻ وارن کي هميشه ڀليڪار چيو ويندو ۽ جيسيتائين وٽن عوامي خدمت جو جذبو هوندو پارٽيءَ ۾ رهندا، پارٽي قيادت جو جيڪو به فيصلو هوندو اهو سڀني کي قبول هوندو. شرجيل ميمڻ جي گرفتاري ۽ آزادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سنڌ جو چوڻ هو ته شرجيل ميمڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران مليل بيل آرڊر تحت پاڪستان آيو ۽ عدالت جو حڪم هو ته هو 20 تاريخ تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو ۽ ان کان اڳ کيس گرفتار نه ڪيو ويندو، اسين قانون کان مٿانهين ڪا به شيءِ نه ڪنداسين، کيس اطلاع آهن ته شرجيل ميمڻ سڀاڻي 20 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو ۽ هو عدالت جو فيصلو قبول ڪندو. ان موقعي تي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه، پير فضل حسين شاهه، غزالا سيال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. بعد ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پ پ اڳواڻ سيد جاويد علي شاهه جيلاني سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي بعد ۾ وساڻ هائوس خيرپور تي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ سان ملاقات ڪئي. هوڏانهن وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي چتاءُ ڏنو آهي ته درگاهه حضرت لعل شهباز قلندر تي سيڪيورٽي ۾ ڪوتاهي ۽ درگاهه  جي بحالي واري ڪم ۾ سستي ڪئي وئي ته سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هو گذريل رات دير سان حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه جو اوچتو دورو ڪري رهيو هو. هن چيو ته درگاهه  تي ايندڙ پانڌيئڙن جي حفاظت اسانجي پهرين ترجيح آهي. هن درگاهه تي سيڪيورٽِي جي ناقص انتظامن جو نوٽيس وٺندي انتظاميه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته هو پنهنجو قبلو درست ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.0230

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار نئب قانون جي خاتمي بابت مخالف ڌر اڳواڻن کي اڄ سي ايم هائوس گهرائي ورتو

ڪراچي(رپورٽ: علي نقرچ)سنڌ حڪومت نيب/ ايڪٽ جي خاتمي ۽ نئين اينٽي ڪرپشن ايجنسي بل تي مخالف …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي