24 جمعو , مارچ 2017

شريف ڀائرن 30 ارب اشتهارن تي اڏائي ڇڏيا: عمران خان

Imran khanاٽڪ (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هڪ رسمي جملي ۾ غير ملڪي رانديگرن کي ڦٽيچر چيو هو ۽ ان کي سياسي رنگ ڏئيميڊيا تي اٿاريو ويو. اٽڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ن ليگي اڳواڻ جاويد لطيف جيڪا زبان استعمال ڪئي ان کي فوري طور تي دٻايو ويو. ڪي پي ڪي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته هن ڪرپشن ڪئي، جڏهن نئب کان پڇيو ويو ته انهن چيو ته اسان ڪو به خط ناهي لکيو، ان جو مطلب آهي ته اها حڪومتي وزيرن جي شرارت آهي. هن چيو ته شريف ڀائر عوام جو پئسو بيدردي سان وهائي رهيا آهن. قوم جي پئسن مان اشتهاري مهم هلائي پئي وڃي. رڳو 25 کان 30 ارب رپيا ٻنهي ڀائرن جون تصويرون ڏيکارڻ تي ضايع ڪيا ويا. ڪي پي ڪي کانپوءِ هاڻي پنجاب ۾ به وڻڪاري مهم شروع ڪري رهيا آهيون. ڪي پي ڪي ۾ هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو هدف پورو ڪري وٺنداسين.0230

هي به ڏسي سگهو ٿا

PM Nawaz

وزيراعظم اچڪزئي ۽ فضل الرحمان کي رام ڪرڻ ۾ ناڪام فوجي عدالتن تي حمايت نه ملي

اسلام آباد (آن لائن) وزيراعظم نواز شريف سان جي يو آءِ جي امير مولانا فضل …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي