22 ڇنڇر , جولاءِ 2017

شرجيل ميمڻ آزاد، ڇا نئب رڳو سنڌ لاءِ آهي؟ شرجيل

Untitled-6 copyاسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ اطلاعات جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي ڪالهه رات گرفتاري کانپوءِ آزاد ڪيو ويو. نئب طرفان پڇا ڳاڇا دوران شرجيل ميمڻ پنهنجا ضمانتي دستاويز پيش ڪيا. ذريعن موجب شرجيل ميمڻ 3 ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان حفاظتي ضمانت ڪرائي آيو هو. هوڏانهن شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هو پنهنجي مٿان لڳل الزامن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان واپس آيو آهي، نئب تي تنقيد ڪندي هن چيو ته اها رڳو سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن کي نشانو بڻائي رهي آهي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ گذريل رات پنهنجي گرفتاري ۽ آزادي جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻه قانون آهن، شريف ڀائرن سميت ميگا اسڪينڊل وارن جا نالا اي سي ايل ۾ نه وڌا ويا. ڇا نئب رڳو پ پ لاءِ ٺهي آهي. هن چيو ته منهنجي گهر مان 2 ارب هٿ اچڻ واري غلط خبر هلائي وئي. جنهن تي مون نوٽيس به موڪليو. مون تي 500 صفحن جو ريفرنس موڪليو ويو آهي. جيڪڏهن آئون ملوث نڪتس ته ڪنهن کان رحم نه گهرندس. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جا نالا ته اي سي ايل ۾ نه وڌا ويا، نئب رڳو پ پ ۽ سنڌ لاءِ ٺهي آهي. نئب چيئرمين ۾ ايترو حوصلو آهي ته وزيراعظم جو نالو اي سي ايل ۾ وجھي. هن چيو ته ريفرنس ۾ منهنجي نالي تي هڪ رپيو به ڪميشن جو الزام ناهي رڳو منظوري ڏيڻ جو الزام آهي. ڇا نئب کي سموريون ڪارروائيون سنڌ ۾ ڪرڻيون آهن ڇا پنجاب پاڪستان ۾ نٿو اچي. نئب جي مجال آهي جو پنجاب ۾ گهڙي ڏيکاري. راڻا مشهود جي ويڊيو ڪو به نٿو ڏسي هن چيو ته ايئرپورٽ تان منهنجي گرفتاري نه بلڪه اغوا هو، بغير تعارف جي سادا لباس پاتل همراهن مون کي کنڀيو. جن ڪالهه غير قانوني قدم کنيو انهن کي معاف ڪريان ٿو. هن ٽوڪ واري انداز ۾ چيو ته اسلام آباد ۾ چوڌري نثار ۽ شريف ڀائرن جي مهمان نوازي تي ٿورائتو آهيان، جيڪي ماڻهو کي وڻي ويا آهن بدسلوڪي نه ڪئي . هن چيو ته وزيراعظم جي بيان کانپوءِ پنجاب ۾ نئب خاموش ٿي وئي، گهران هٿ آيل 2 ارب رپيا ڪهڙي اداري وٽ آهن جيڪڏهن عدالت مان ضمانت ملي ته به روزانو نئب ۾ پيش ٿيندو رهندس.هوڏانهن شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پهچي ويو. جتي هو پنهنجي علاج لاءِ فزيو ٿراپي سينٽر پهتو. هن چيو ته ايئرپورٽ تي ڌڪا ڏيڻ سبب ساڄي ٻانهن ۾ تڪليف آهي، منهنجي طبيعت اڳ ۾ ئي ٺيڪ ناهي.3302

هي به ڏسي سگهو ٿا

چوڌري نثار بابت افواهه نه ڦهلايا وڃن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سپريم …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي