اسلام اباد (م ڊ) شرجيل ميمڻ جي وطن واپس ايندي ئي پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. پنجاب جي صوبائي وزير راڻا ثناءُالله چيو ته نئب تي شرجيل ميمڻ جي تنقيد نٿي ٺهي، اها ميار ناهي، چور ڪري گوڙ وارو مثال آهي. هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته قانون حرڪت ۾ اچڻ تي شرجيل ميمڻ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪجهه کاڌو آهي اهو هاڻي ڪڍڻو پوندو. نئب چيئرمين کي چيف جسٽس وانگر تحفظ حاصل آهي، کيس ڊڄڻ جي ضرورت ناهي.0230