24 جمعو , مارچ 2017

اهو تاثر نٿو مڃان ته پ پ سنڌ تائين محدود آهي: آصف زرداري

Asif Zardariڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جمهوريت لاءِ چونڊن جا نتيجا تسليم ڪيا، حڪومت مخالف تحريڪ دوران اسان جمهوريت بچائي. چونڊن ۾ شفافيت هئڻ گهرجي، بول نيوز ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته اهو تاثر نٿو مڃان ته پ پ سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي، اسان هر سٺي خراب وقت ۾ مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته مون پاڻ 12 سال جيل ڪاٽي آهي، آئون جيل مان آزاد ٿي پئي سگهيس، گهڻا دوست ريسرچ نٿا ڪن، مون کي ڪهڙي ضرورت هئي جو ٻارن کان پري رهان. پ پ گهٽ نه پر وڌي رهي آهي . هر اداري کي سنڌ جي ضرورت آهي. چونڊ نتيجا قبول نه ڪريون ها ته نواز شريف ڏوراپا ڏئي ها.فوجي عدالتن جي حمايت بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي پارٽي تي منفي اثر نه پوندو، اسان فوجي جوانن ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڪري ۽  فوجي مفاد تحت ان بل جي حمايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

PM Nawaz

وزيراعظم اچڪزئي ۽ فضل الرحمان کي رام ڪرڻ ۾ ناڪام فوجي عدالتن تي حمايت نه ملي

اسلام آباد (آن لائن) وزيراعظم نواز شريف سان جي يو آءِ جي امير مولانا فضل …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي