24 سومر , اپريل 2017

سپريم ڪورٽ نواز شريف تي هلڪو هٿ رکيو آهي: اعتزاز احسن

Chodhri atzaz ahsanلاهور (آن لائن) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته لاهور سميت پنجاب علائقه غير بڻجي چڪو آهي، سهيل بابر جو قتل پارٽي جو وڏو نقصان آهي، سهيل بابر بٽ جي وارثن سان غذر خواهي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف جو موقف تسليم نه ڪندي قطر جو بزنس هڪ افسانو آهي، قطري خط چيو وڃي ته ڌاڙو هڻي اربين رپيا ڪمائيندڙ به ڪارو ناڻو اڇو ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته ميان شريف مرحوم قطر نه ويو عدالت کي نواز شريف کان پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير بابت پڇڻ گهرجي ها پر نواز شريف تي سپريم ڪورٽ هلڪو هٿ رکيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شرجيل ميمڻ گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي آهي هتي هاڻي هو عدالت ۾ پيش ٿيندو اتان ضمانت نه ملي ته پوءِ گرفتار ٿي ويندو.3302

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khuwaja Asif

خبر آهي ته پ پ ۽ چوڌرين ۾ ڪيترو وزن آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي