24 سومر , اپريل 2017

سنڌي قومي ٻولي جو مطالبو ڪرڻ تي غداري جو لقب ملي ٿو: سينيٽ چيئرمين

Untitled-1 copyڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته شاگرد يونين، ٽريڊ يونين ۽ ڪافي هائوس جي ڪلچر کي ختم ڪري مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي پروان چاڙهيو ويو. اهڙو اظهار هن آرٽس ڪائونسل ۾ پنهنجي لکيل ڪتاب “نظر نه ايندڙ ماڻهو” جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي اُهو شهر آهي جنهن جون گهٽيون ڪڏهن پاڻي سان ڌوتيون وينديون هيون. انهيءَ ڪراچي ۾ رت جي هولي کيڏي وئي ۽ بي گناهه ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو، هن چيو ته منهنجو لکيل ڪتاب ڪو فڪشن ناهي، منهنجي زندگي جا جيڪي مشاهدا آهن اُنهن مشاهدن کي ڪهاڻي جو روپ ڏيئي مون هي ڪتاب لکيو  آهي. هن چيو ته هن ڪتاب ۾ جن ڪردارن تي لکيو ويو آهي، اُهي ڪردار پاڪستان جو جيئرو جاڳندو سچ آهن ۽ اُهي ماڻهو اسان جي اکين کان سدائين اوجهل رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ صوبو صوفين جو ديس آهي. هن ملڪ ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست، داتا، بُلهي شاهه، عبدالله شاهه غازي ۽ ٻين صوفي درويشن جي موجودگي ۾ مذهب جي بنياد تي مذهبي جهيڙا ڪرائڻ، دهشت ۽ قتل غارت گري جو بازار گرم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اڄ هڪ مسلڪ ٻي مسلڪ کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي، هي سڄي اَنا ۽ ضد جي راند آهي. هن چيو ته مون هي ڪتاب انگريزي ۾ لکيو آهي، ڇو ته منهنجي اردو ڪمزور آهي، مون انگريزي ۾ تعليم پرائي آهي. ڇو ته رياست جبري طور تي مون کي چيو ته انگريزي تنهنجي قومي ٻولي آهي. هن چيو ته پارليمان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن ملڪ جي اڪثريتي ٻولي بنگالي هئي، اردو سان گڏ بنگالي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو نه ڏنو ويو ۽ نتيجي ۾ بنگال اسان کان ڌار ٿي ويو، سنڌي جڏهن گهر ڪري ٿو ته سنڌي منهنجي مادري ٻولي آهي، اُن کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ته چيو وڃي ٿو ته هو وفاق جو غدار آهي، بلوچستان ۾ بلوچي نٿي پڙهائي وڃي، پنجابي، پشتو ٻوليون هن ملڪ جي ثقافتي ايڪائين جون ٻوليون آهن، عرب ثقافت منهنجي ثقافت ناهي، جيستائين هن ملڪ ۾ ثقافت ايڪائين جي ٻولي جي قبوليت نه ٿيندي تيستائين مسئلا حل ڪونه ٿيندا. رضا رباني وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته مذهبي انتهاپسندي کي ادب ۽ لٽريچر ذريعي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ان حوالي سان منهنجو پنهنجو تجزيو آهي، جڏهن جنرل ضياء اقتدار ۾ آيو ته هن پاڪستان جي رياست خاص طور تي جنرل ايوب خان ۽ يحيٰ جي دور ۾ ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ سويلين بيورو ڪريسي جي تجزيي کانپوءِ ٽن جمهوري فورسز ٽريڊ يونين تنظيمن، شاگرد يونين ۽ ڪافي هائوسز جي ڪلچر کي ختم ڪيو. اڄ اُها بيداري ناهي رهي، اسين ناڪام ويا آهيون، جالب ۽ فيض احمد فيض جي جاءِ تي ڪو نئون جالب ۽ فيض پيدا نه ڪري سگهيا آهيون، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جون اهي ٽيئي فورسز متبادل ٿي سگهن ٿيون، مذهبي انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ اسان کي اُٿي سوال پڇڻ جي جرئت پيدا  ڪرڻي پوندي، جيستائين سوال نه ڪيو ويندو تيستائين متبادل پيدا نه ٿيندو. تقريب کي پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيئر وزير نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته رضا رباني هڪ اهڙو پکي آهي جيڪو ڪمري ۾ بند ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن سان نه ڪنهن سان ٽڪرائيندو رهيو آهي، مان جڏهن 1987ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيس  ته رضا رباني، اسماعيل اڍيجو، جڳديش ملاڻي، مولابخش چانڊيو وارن جي چوڪڙي کان گهڻو متاثر ٿيس، هن چيو ته رضا رباني جڏهن فوجي عدالتن جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو هو ته هن ڏاڍو ڦڙ ڦڙايو هو ۽ نيٺ هن کان رهيو نه ۽ هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هاڻ ٻيهر فوجي عدالتن جو معاملو بحث هيٺ آهي، آئون سوچيندو آهيان ته جڏهن اُهو بل سينيٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ويندو ۽ جيڪڏهن هن بل جي حمايت ۽ مخالفت ۾ برابر ووٽ نڪتا ته فيصلو چيئرمين سينيٽ جي ووٽ سان ٿيندو، ڏسجي ته ٽاءِ ٿيڻ جي صورت ۾ رضا رباني بحيثيت چيئرمين سينيٽ ڪنهن کي ووٽ ڪري ٿو. اهو يقينن رضا رباني لاءِ امتحان هوندو. هن چيو ته زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايل هندو ميريج بل واپس نه ورتو ويو آهي، گورنر سنڌ انهيءَ بل تي آبزرويشن ڏياري موڪلي آهي، جڏهن ته تاثر اُهو ورتو ويو آهي ته پي پي حڪومت اُهو بل واپس ورتو آهي. هن چيو ته گورنر جي آبزرويشن کانپوءِ اُهو بل واپس سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي وزير مير حاصل بزنجو خطاب ڪندي چيو ته 18 هين ترميم جي منظوري ۾ آصف زرداري جو به هٿ هو، ڇو ته اُنهي جي اجازت سان اهو بل منظور ڪيو ويو، پر اصل ڪريڊٽ رضا رباني ڏانهن وڃي ٿو جنهن رحيم مندوخيل، پروفيسر خورشيد احمد، مسلم ليگ (ق)، مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم کي انهيءَ بل جي حمايت تي راضي ڪيو. هن چيو ته اڄ ڏينهن تائين گهڻن ماڻهن ۽ قوتن کان اها شيءِ هضم نه ٿي آهي، 18هين ترميم کانپوءِ تيل ۽ گيس جو حصو صوبن حوالي ڪرڻ وڏو بريڪ ٿرو هو. هن چيو ته سياسي طور تي اسان سڀني ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته هن وقت تيزي سان مذهبي انتهاپسندي وڌي رهي آهي، ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ هندستان ۽ پاڪستان جا سياسي اڳواڻ ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ سان دلچسپي رکندا هئا، شهيد بينظير ڀٽو تائين اُهو ڪلچر موجود هو، اڄ جي سياسي ليڊرشپ رڳو اخبارن ۾ پنهنجو بيان پڙهڻ ۾ پوري آهي. تقريب کي نالي واري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪه زاهده حنا، نصير ميمڻ، غازي صلاح الدين، مجاهد بريلوي، احمد شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. 3302

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khuwaja Asif

خبر آهي ته پ پ ۽ چوڌرين ۾ ڪيترو وزن آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي