26 جمعو , مئي 2017

ڪراچي ۾ آدمشماري جا ڪوڙا فارم ورهائڻ جو انڪشاف

population-of-pakistanڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ مخصوص سياسي تنظيمن پاران ڪوڙا آدمشماري فارم ورهائڻ جو انڪشاف، شماريات کاتي طرفان نوٽيس وٺندي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. شماريات کاتي جي اختيارين پاران عوامي شڪايتن جي جاچ کان پوءِ اعتراف ڪيو آهي ته آدمشماري ۾ ڪوڙا آدم شماري فارم ورهايا ويا آهن. جنهن ۾ آدم شماري ڪندڙ عملو به ملوث آهي. ان سلسلي ۾ شماريات کاتي پاران ضلعي انتظاميا کي سختي سان هدايتون ڪيون ويون آهن ته فارم جي فوٽو ڪاپي استعمال نه ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن به خلاف ورزي ڪئي ته ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ان حوالي سان شماريات کاتي جي اختيارين اهو پڻ چيو آهي ته غير لاڳاپيل ماڻهن ۽ سياسي تنظيمن پاران ڪوڙا فارم ورهايا ويا آهن. جنهن تي نوٽيس وٺندي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Untitled-3 copy

آءِ جي منهنجي ماتحت جو به ماتحت آهي، 20 هين گريڊ جي آفيسر لاءِ وضاحتون پيو ڏيان: سهيل سيال

ڪراچي (رپورٽ : علي وقار) سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ وچ ۾ اختلاف شدت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي