22 بدھ , نومبر 2017

آدمشماري جانتيجا ضلعي هيڊڪواٽرن ۾ پڌرا نه ڪيا ويا ته رد ڪنداسين: اياز لطيف پليجو

نصيرآباد(ن ع آ)قومي عوامي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته آدمشماري جا نتيجا ضلعي هيڊڪوارٽرن پڌرا نه ڪيا ويا ته ڳڻپ کي رد ڪنداسين، اهڙو اظهار هن نصير آباد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو، ان کان اڳ قومي عوامي تحريڪ جي سوين ڪارڪنن قاضي پيٽرول پمپ کان سندس آجيان ۽ گلن جي ورکا ۾ کيس جلسي گاهه تي آندو ويو، ان موقعي تي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته ذوالفقار آباد رٿا ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين چيف جسٽس سنڌ پاران اسڪولن ۽ هاسپيٽلن جي مانيٽرنگ ڪرڻ بهتين قدم آهي سنڌ جاماڻهون پريسان آهن ته اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙن کي ڪابه سزا نه ملي آهي نيب ۽ ايف آءِ اي جا عملدار ٻڌائن ته ڪهڙي ڪرپٽ وزير کي انجام تائين پهچايو ويو آهي آدمشماري جا نتيجا ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ انائونس نه ٿي خدشا وڌي ويندا  جام سورو ۾ دائش  جي ڀرتي تشويناڪ عمل آهي،  هن چيو سنڌيو سچاڳ ٿيو سنڌ کي بچائڻ جو وقت اچي ويو آهي اٿي کڙا ٿيو ۽ آدمشماري۾ وڌ کان وڌ شامل ٿيو هن چيو ته آدمشماري ۾ سنڌ سان ٻه اکيائي ٿي رهي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين هن چيو ته آدمشماري جي پهرين گھر شماري واري مرحلي ۾ ڪراچي سميت ڪيترن ئي علائقن جا ڪيترائي گھر ڳڻپ کان رهجي ويا آهن انهن جي ڳڻپ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ آدمشماري جا نتيجا ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ظاهر ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ نتيجا هر گزبه قبول نه ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليگين کي شرم اچڻ کپي (عمران) ن ليگ جي فتح ناهي: شيخ رشيد

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نااهليءَ باوجود نواز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے