23 سومر , آڪٽوبر 2017

پيرو ۾ هوائن سان گڏ تيز مينهن سبب فوتين جو تعداد 72 ٿي ويو

02ليما(ويب ڊيسڪ) پيرو ۾ تيز ترين مينهن، طوفان ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب فوت ٿيلن جو تعداد 72 ٿي ويو، تفصيل موجب ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ پيرو ۾ تيز ترين مينهن ۽ ٻوڏ سبب 72 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

جڏهن ته زندگيءَ جو نظام بري طرح متاثر ٿيو آهي، پيرو ۾ تيز ترين مينهن سبب پيسيفڪ ڪناري سان گڏ شهرن ۾ پڻ روز مرهه جي زندگيءَ کي تمام نقصان پهچايو آهي.

03

جڏهن ته صحت واري وزير طرفان شهرين کي وبائي مرضن کان بچائڻ لاءِ جراثيم مار دوا جو اسپري شروع ڪيو ويو آهي. پيرو جي گادي واري هنڌ ليما ۾ گذريل هڪ هفتي کان پاڻي جي فراهمي بند آهي.

جڏهن ته حڪومت طرفان ڪيترن ئي متاثر شهرن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سان گڏ امن امان قائم رکڻ لاءِ هٿياربند فوج کي به گهرايو ويو آهي.

04

وزيراعظم فرنينڊوزاوالا مقامي ريڊيو اسٽيشن سان ڳالهائيندي پيرو ۾ ٿيڻ وارين تيز ترين مينهن ۽ طوفان سبب 72 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي

ياد رهي ته مينهن بعد ٻوڏ جي صورتحال کي 20 سالن دوران اچڻ واري سڀ کان تباهه ڪن ٻوڏ قرار ڏنو ويو آهي.

06

07

جنهن سان ملڪ جي اڌ آبادي متاثر آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن. واضح رهي ته 1998ع ۾ به پيرو ۾ تيز مينهن سبب 374 ماڻهو فوت ٿيا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا هئا

05

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوشل ميڊيا کانسواءِ صدر ٿي نه پئي سگهيس، ميڊيا غير شفاف آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس اقتدار ۾ اچڻ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي