21 سومر , آگسٽ 2017

اتر ڪوريا جو هاءِ پرفارمنس راڪيٽ جو ڪامياب تجربو

01پيونگ يانگ(ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا ۾ رياستي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا جي فوج هڪ نئين هاءِ پرفارمنس راڪيٽ جو تجربو ڪيو آهي. اتر ڪوريا جي رياستي خابرو اداري مطابق ڪم جونگ ان نئين هاءِ پرفارمنس راڪيٽ جي ٽيسٽ کي ملڪ جي راڪيٽ انڊسٽري لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو آهي. اتر ڪوريا ڪجهه مهينن دوران ميزائل ۽ جوهري هٿيارن جا ٻيا تجربا به ڪيا آهن، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ جو ماحول آهي. ان کان پهريان هلندڙ مهيني اتر ڪوريا طرفان چار ميزائل لانچ ڪيا ويا هئا جن مان ٽي جاپان جي سمنڊ ۾ وڃي ڪريا هئا، ڪو جاني نقصان نه ٿيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا جو رويو صورتحال کي ايٽمي جنگ طرف وٺي وڃي رهيو آهي: اتر ڪوريا

پيانگ يانگ (ويب ڊيسڪ): اتر ڪوريا هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا کي ڌمڪي ڏني آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي